Bible App logo
Search Icon

زاريون 4

4
يروشلم جي گھيري ۽ برباديءَ جو بيان
1آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي!
هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي!
قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن!
2آہ! صيئون جا رهاڪو،
جيڪي تمام نج سون کان بہ وڌ هئا،
سي ڪيئن نہ هاڻ
ڪنڀر جي هٿان ٺهيل ٺڪر جي ٿانون جهڙا ٿي پيا آهن.
3بگھڙ جهڙو جانور بہ
پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو،
پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر
پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.
4گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان
سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي.
ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن،
پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي.
5جيڪي ڪڏهن عمدا طعام کائيندا هئا،
سي هاڻي گھٽين ۾ بک پيا مرندا وتن.
جيڪي عمدين پوشاڪن ۾ پلجي وڏا ٿيا،
سي هاڻي گند جي ڍيرن مان ٽڪر ڳڀو پيا ڳولين.
6 # پيد 19‏:24 منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا
سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي.
انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو،
۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.
7يروشلم جا اڳواڻ برف کان وڌيڪ شفاف،
۽ کير کان وڌيڪ اڇا هئا.
سندن بدن لعلن کان وڌيڪ ڳاڙها هئا،
۽ هو نيلم کان وڌيڪ تجليدار هئا.
8پر هاڻي سندن شڪليون
ڏامر کان بہ وڌيڪ ڪاريون ٿي ويون آهن،
۽ ڪوبہ کين سڃاڻي نہ ٿو سگھي.
هنن جي کل سندن هڏين کي چنبڙي پيئي آهي،
۽ ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي.
9سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا.
ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ!
جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا،
ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.
10 # شر 28‏:57، حز 5‏:10 منهنجي قوم تي آيل مصيبت
ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي،
جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي
پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.
11 خداوند پنهنجي قهر وچان،
ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو،
جو سڄي يروشلم شهر کي
ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.
12غير قوم جي ڪنهن بہ بادشاهہ
توڙي دنيا جي ڪنهن بہ رهاڪوءَ کي اهو يقين ئي نہ ٿي آيو،
تہ ڪو حملو ڪندڙ دشمن
يروشلم جا دروازا ڀڃي شهر اندر گھڙي سگھندو.
13يروشلم کي اها سزا
نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي،
جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.
14سو اهي نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن
انڌن وانگر گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻندا رهيا.
اهي رت ۾ ٻڏي ايترا تہ پليت ٿي ويا،
جو ڪنهن بہ کين پنهنجي ڪپڙن کي هٿ لائڻ نہ ٿي ڏنو.
15يروشلم وارن رڙيون ڪري کين چيو ٿي تہ
”پري ٿيو، اي پليتؤ! پري ٿيو.
اسان کي هٿ نہ لايو، اوهين ناپاڪ آهيو.“
پوءِ اهي اتان نڪري ڪري مختلف قومن ۾ رلندا رهن ٿا،
ڇالاجو ڪوبہ ماڻهو کين پاڻ وٽ رهڻ نہ ٿو ڏئي.
16 خداوند پنهنجي غضب وچان
نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي.
هو هاڻي سندن ڪابہ سار نہ ٿو لهي.
بلڪ هو اسان جي ڪاهنن کي ڪا عزت نہ ٿو ڏئي،
نڪي اسان جي اڳواڻن جو ڪو لحاظ ٿو رکي.
17اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين،
جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي.
هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ
نهاري نهاري ٿڪجي پيون،
پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.
18دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا،
سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين.
اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا،
هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي.
19اسان جو پيڇو ڪندڙ دشمن
بازن جي اُڏام کان بہ وڌيڪ تکا هئا.
هنن جبلن تي بہ اسان جو پيڇو ڪيو،
۽ بيابان ۾ اسان جي تاڙ ۾ ويٺا هئا.
20اسان جي بچاءَ جي اميد،
يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ
هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو،
جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ
هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.
21ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ!
هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو.
پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي.
اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا،
۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.
22اي پياري صيئون جا رهاڪؤ!
اوهان جي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي.
خداوند هاڻ جلد اوهان کي جلاوطنيءَ کان موٽائي
پنهنجي وطن ۾ آڻيندو.
پر اي ادوم جا رهاڪؤ!
خداوند اوهان جا گناهہ کولي ظاهر ڪري
اوهان کي انهن بدڪارين جي سزا ڏيندو.

Currently Selected:

زاريون 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in