YouVersion Logo
Search Icon

يوايل 3

3
خداوند جو قومن جي عدالت ڪرڻ
1خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، انهن ڏينهن ۾ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ وري خوشحالي آڻيندس. 2تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون. 3هنن منهنجي قوم جي قيدين کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ڪڻا وڌا آهن. هنن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪڃريون گھرائڻ ۽ شراب خوريءَ جي عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي.
4 # يس 14‏:29‏-31، 23‏:1‏-18، ير 47‏:1‏-7، حز 25‏:15‏–28‏:26، عا 1‏:6‏-10، صف 2‏:4‏-7، زڪ 9‏:1‏-7، مت 11‏:21‏-22، لو 10‏:13‏-14 سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس. 5اوهين منهنجو سون چاندي کڻي ويا آهيو ۽ منهنجيون عمديون شيون کڻي وڃي پنهنجي پوڄا گھرن ۾ رکيون اٿوَ. 6اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان ماڻهن کي گهلي سندن وطن کان پري وٺي ويا ۽ کين يونانين وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي. 7پر هاڻي جن هنڌن تي اوهان هنن کي وڪڻي ڇڏيو هو، تن هنڌن تان آءٌ يهوداہ وارن کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اوهان جيڪي ڪجھہ هنن سان ڪيو آهي، سو ئي آءٌ اوهان سان بہ ڪندس. 8آءٌ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون بني يهوداہ وارن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين هڪڙي ڏورانهين قوم يعني شبا ملڪ وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
9خداوند جي طرفان قومن منجھہ هي اعلان ڪرايو وڃي تہ
”جنگ جي تياري ڪري
پنهنجي بهادرن کي آڻي گڏ ڪريو.
هائو، سڀني جنگي جوڌن جون جنگ لاءِ صفون ٻڌايو،
۽ کين حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو.
10 # يس 2‏:4، ميڪ 4‏:3 اوهين پنهنجي هرن جي گھوٻن مان تلوارون ٺاهيو،
۽ پنهنجي ڏاٽن مان نيزا ٺاهيو.
اهڙيءَ طرح اوهين هر ڪمزور کي
هٿيارن سان طاقتور بڻائي ڇڏيو.
11اي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون!
اوهين جلدي اچو ۽ عدالت واري ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيو.“
اي خداوند! جڏهن اهي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿين،
تڏهن هنن تي حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجي بهادرن کي موڪلي ڏي.
12خداوند فرمائي ٿو تہ
”جڏهن سڀيئي آس‌پاس واريون قومون تيار ٿي
عدالت واري ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿينديون،
تڏهن آءٌ خداوند انهن سڀني قومن جي عدالت ڪندس.
13 # مڪا 14‏:14‏-16‏،19‏-20، 19‏:15 اهي تمام بدڪار آهن.
سو جيئن پڪل فصل ۾ ڏاٽو وجھي لابارو ڪيو وڃي ٿو،
تيئن ئي کين قتل ڪيو ويندو.
هائو، جيئن انگورن کي لتاڙي حوض رس سان ڀري
ٽمٽار ڪيو ويندو آهي، بلڪ اٿلي وهي پوندو آهي،
تيئن ئي کين لتاڙي چٽ ڪيو ويندو.“
14جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾
هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا.
بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.
15انهيءَ ڏينهن سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا،
۽ تارن مان چمڪ ڇڏائي ويندي.
16 # عا 1‏:2 خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو.
هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو،
ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا.
پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ
مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.
قوم جي بحالي
17 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بني اسرائيل وارؤ!
پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان،
جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو.
بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو،
۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.
18 # حز 47‏:1‏-12، مڪا 22‏:1‏-2 انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي
جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون
۽ ڪڏهن نہ سڪنديون.
بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون
جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي،
۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون
ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون،
انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان
هڪڙو چشمو وهي نڪرندو،
جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.
19‏-21مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري
بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي.
سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي
مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس.
هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس.
پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو،
بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو،
۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“

Currently Selected:

يوايل 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in