YouVersion Logo
Search Icon

يوايل 1

1
1هي خداوند جو اهو پيغام آهي جيڪو يوايل ولد فتوايل جي معرفت ڏنو ويو.
فصلن جي تباهيءَ تي مرثيو
2ٻڌو، اي عمر رسيدؤ!
بلڪ هن ملڪ يهوداہ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو.
ڇا اوهان جي يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾
ڪڏهن ڪا ههڙي ڳالهہ ٿي آهي؟
3اوهين اها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو،
اوهان جو اولاد وري پنهنجي اولاد کي
۽ انهن جو اولاد وري بعد ۾ ايندڙ پيڙهيءَ سان
انهيءَ جو ذڪر ڪري تہ
4ماڪڙ جي ڪٽڪن مٿان ڪٽڪن
اچي فصلن تي حملو ڪيو.
پهرئين ڪٽڪ کان جيڪي ڪجھہ بچيو بہ هو
تہ اهو وري ٻئي ڪٽڪ اچي ڳڙڪائي ڇڏيو.
5اي مئي پيئڻ سان مدهوش رهڻ وارؤ! جاڳو ۽ روئو رڙو.
هائو، اي مئي‌خوارؤ! اوهين رڙيون ڪري روئو،
ڇاڪاڻ تہ اها مٺي مئي اوهان جي وات تان کسي ويئي آهي.
6 # مڪا 9‏:8 جيئن تہ #1‏:6 ماڪڙ جو هڪڙو ڪٽڪ... قوم جي وڏي لشڪر جيان اصلي متن ۾ اهو واضح نہ آهي تہ هي حقيقي ماڪڙ آهي يا ڪا قوم. پر سڄو زور تباهي وَ برباديءَ تي آهي.ماڪڙ جو هڪڙو ڪٽڪ
اسان جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو،
جيڪو ڏاڍو طاقتور ۽ قوم جي وڏي لشڪر جيان هو.
انهن جا ڏند ۽ ڄاڙيون شينهن جهڙا هئا.
7انهيءَ ڪٽڪ اسان جي انگورن جا باغ اجاڙي ڇڏيا آهن،
۽ اسان جي انجيرن جا وڻ ڀڃي وڌا آهن.
وڻن جا ڇوڏا بہ لاهي اڇلايا اٿن،
ايتري قدر جو ٽاريون بلڪل اڇيون نظر اچن ٿيون.
8سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو،
جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي
کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.
9اناج توڙي مئي ختم ٿي ويئي آهي،
سو اهي قربانين لاءِ هيڪل ۾ نہ ٿا آندا وڃن.
خداوند جي آڏو قربانيون پيش نہ ٿيڻ ڪري
ڪاهن روڄ راڙي ۾ پيا گذارين.
10ٻنيون ويران ٿي ويون آهن،
بلڪ سڄو ملڪ تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي.
هائو، اناج، انگور ۽ زيتون سڪي سڙي ويا آهن.
11اي ڪڙميؤ! اوهين ڏاڍا غمگين ٿي وڃو،
اي انگورن جا باغبانؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو،
ڇاڪاڻ تہ ڪڻڪ، جَوَ، بلڪ ٻنيءَ جو هر فصل چٽ ٿي ويو آهي.
12انگورن جون وليون ۽ انجير جا وڻ سڪي رهيا آهن.
انهيءَ کان علاوہ ڏاڙهون، کجيءَ ۽ صوف جا وڻ،
بلڪ باغ جو هر وڻ ڪومائجي ويو آهي.
سو ان آفت جي ڪري بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.
13اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ!
کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو.
هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو،
ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ،
جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.
14اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي
خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو.
سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو،
۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.
15 # يس 13‏:6 اهو ڏينهن اچي پهتو آهي،
۽ قادرِمطلق ڪيڏي نہ وڏي مصيبت نازل ڪري رهيو آهي.
آہ! اهو خداوند جو ڏينهن ڪيڏو نہ خوفناڪ آهي!
16اسان جو رزق اسان جي اکين اڳيان ناس ڪيو ويو آهي،
جنهن ڪري خوشي ۽ سرهائي
اسان جي خدا جي گھر کان هلي ويئي آهي.
17ٻج ٻنيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪنو ٿي ويو آهي،
بلڪ سڀيئي فصل سڪي سڙي ويا آهن.
تنهنڪري اناج جا گدام ۽ ڀانڊا ويران پيا آهن.
18اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي!
ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين،
۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن،
ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.
19اي خداوند! آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان،
ڇاڪاڻ تہ ساڙيندڙ گرميءَ ٻنيءَ جا وڻ توڙي چراگاهہ،
بلڪ سڀ ڪجھہ ساڙي ڇڏيو آهي.
20جھنگلي جانور بہ تو آڏو پيا اڃ مرن،
ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ جون نديون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن.
آہ! سڀ ڪجھہ سخت گرميءَ ۾ سڙي رک ٿي ويو آهي.

Currently Selected:

يوايل 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in