Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 37

37
صدقياہ جو دعا لاءِ يرمياہ کي عرض
1 # 2.با 24‏:17، 2.توا 36‏:10 بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2هاڻ نہ صدقياہ، نڪي سندس عملدارن ۽ نہ وري سندس عوام ئي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو، جيڪي منهنجي معرفت خداوند فرمايون هيون.
3تنهن هوندي بہ صدقياہ بادشاهہ يهوڪل ولد سلمياہ ۽ ڪاهن صفنياہ ولد معسياہ جي معرفت مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اسان جي قوم لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھر.“ 4ان وقت تائين آءٌ آزاديءَ سان ماڻهن منجھہ ايندو ويندو هئس، ڇاڪاڻ تہ اڃا مون کي قيد نہ ڪيو ويو هو. 5فرعون جو لشڪر مصر مان نڪري چڪو هو، سو يروشلم کي گھيري هيٺ رکيو ويٺل بابلين جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يروشلم کي ڇڏي هليا ويا.
6تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو 7۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو. 8پوءِ بابلي واپس اچي هن شهر يروشلم تي ڪاهہ ڪندا. هو انهيءَ تي قبضو ڪري ان کي ساڙي ڇڏيندا.
9آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين هي سوچيندي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هاڻي بابلي يقيناً اسان تي موٽي ڪاهہ نہ ڪندا.‘ پر اهي ضرور موٽي ايندا. 10پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“
يرمياہ جو قيد ٿيڻ
11جڏهن فرعون جي لشڪر جي ڊپ کان بابلين جو لشڪر يروشلم ڇڏي ڀڄي هليو ويو، 12تڏهن آءٌ يروشلم مان نڪري بنيامين جي علائقي ۾ وڃڻ وارو هئس، انهيءَ لاءِ تہ اتي مائٽن وٽ جيڪو منهنجي ملڪيت جو حصو هو سو انهن کان وٺان، 13پر جڏهن آءٌ اڃا يروشلم شهر جي بنيامين دروازي وٽ مس پهتس، تڏهن ارياہ ولد سلمياہ ولد حننياہ نالي پهريدارن جي سالار مون کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ ”تون غداري ڪري بابلين ڏانهن ڀڳو ٿو وڃين!“
14مون وراڻيو تہ ”اهو ڪوڙ آهي، آءٌ بابلين ڏانهن ڀڳو ڪونہ ٿو وڃان.“ پر ارياہ منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، اٽلندو مون کي گرفتار ڪري عملدارن وٽ پيش ڪيائين. 15هو مون تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ مون کي چهبڪ هڻائي شاهي محرر يونتن جي گھر ۾ کڻي قيد ڪيائون. ان وقت يونتن جو گھر قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو. 16سو مون کي ان قيدخاني جي تهہ‌خاني ۾ رکيو ويو، جتي آءٌ گھڻو عرصو رهيس.
17پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“ 18پوءِ مون بادشاهہ صدقياہ کان پڇيو تہ ”مون تنهنجو يا تنهنجي عملدارن جو يا تنهنجي رعيت جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟ 19تون پنهنجي انهن نبي سڏائيندڙن کي تہ ڪا سزا نہ ٿو ڏين، جن ڪوڙي اڳڪٿي ڪري تو کي چيو هو تہ ’بابل جو بادشاهہ تو تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو.‘ 20پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“
21تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.

Currently Selected:

يرمياہ 37: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in