Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 34

34
صدقياہ کي تنبيهہ
1‏-2 # 2.با 25‏:1‏-11، 2.توا 36‏:17‏-21 بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آس‌پاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. 3تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو.
4تنهن هوندي بہ، اي يهوداہ جا بادشاهہ صدقياہ! تون منهنجي هن ڳالهہ تي ڌيان ڏي تہ آءٌ خداوند تو سان اهو واعدو ٿو ڪريان تہ تون تلوار سان نہ ماريو ويندين، 5بلڪ تون طبعي موت مرندين. پوءِ جيئن تنهنجي ابن ڏاڏن يعني تو کان اڳوڻن بادشاهن جي مان ۾ لوبان ساڙيو ويندو هو، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيو ويندو. تنهنجي لاءِ هيئن چئي رنو رڙيو ويندو تہ ’هاءِ! اسان جا آقا!‘ آءٌ خداوند پاڻ اهو واعدو ڪريان ٿو.“ 6تڏهن مون يرمياہ اهي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي اچي ٻڌايون. 7ان وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يهوداہ جي شهرن يروشلم، لڪيس ۽ عزيقہ سان جنگ پئي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ئي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.
غلامن بابت ڪيل عهد جي ڀڃڪڙي
8بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ 9”هر ڪو پنهنجي #34‏:9 عبراني بني اسرائيل کي ”عبراني“ بہ سڏيو ويندو آهي.عبراني ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏي، ڪوبہ پنهنجي هم‌قوم يهوداہ وارن کي غلاميءَ ۾ نہ رکي.“ 10سو سڀ عملدار ۽ سڀيئي ماڻهو ان عهد ۾ شامل ٿيا تہ هو پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪندا ۽ اڳتي انهن کي غلاميءَ ۾ نہ رکندا. هنن اها ڳالهہ قبول ڪندي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. 11پر بعد ۾ هو ڦري ويا ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪيو هئائون تن کي موٽائي وري غلام بڻايائون.
12تڏهن ئي خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو تہ 13”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان يعني غلاميءَ واري جاءِ مان ٻاهر ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو. مون کين چيو هو تہ 14#خر 21‏:2، شر 15‏:12 ’هر ستين سال اوهان مان هر ڪو پنهنجي هر انهيءَ هم‌قوم عبرانيءَ کي ضرور آزاد ڪري، جنهن پنهنجو پاڻ کي اوهان وٽ وڪيو هجي. هائو، ڇهن سالن جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ اوهين ان کي لازماً آزاد ڪريو.‘ پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون. 15تازو ئي اوهان توبهہ‌تائب ٿيا ۽ اهو ڪي ڪيوَ جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو هو. هائو، اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي هم‌قوم کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر اوهان منهنجي نالي سان سڏجڻ واري گھر ۾ منهنجي اڳيان اهڙو عهد بہ ڪيو. 16پر هاڻ اوهين وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ڪئي اٿوَ. اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي آزاد ڪيل ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي وري موٽائي آندو آهي. سو جيڪي ٻانها ۽ ٻانهيون پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ٿيڻ لاءِ آزاد ٿيا هئا تن کي اوهان وري غلام بڻجڻ تي مجبور ڪيو آهي. 17تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. 18‏-19#پيد 15‏:9‏-18 يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اڳواڻن منهنجي اڳيان درٻاري عملدارن ۽ ڪاهنن سميت هڪ عهد ڪيو هو، جڏهن هو گابو ڪهي ٻہ ٽڪر ڪري انهن جي وچان لنگھي ويا هئا. پر هاڻي هنن اهو عهد ٽوڙيو آهي ۽ ان عهد جي ڳالهين تي قائم نہ رهيا آهن. سو آءٌ هنن سان بہ ائين ئي ڪندس جيئن ان گابي سان ڪيو ويو. 20آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪندس جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. انهن جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ ٿيندا. 21آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي. 22آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 34: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in