Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 28

28
يرمياہ ۽ نبي سڏائيندڙ حننياہ
1 # 2.با 24‏:18‏-20، 2.توا 36‏:11‏-13 ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ 2”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي. 3ٻن سالن اندر آءٌ هيڪل جو اهو سڄو سامان هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جيڪو بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هتان بابل ڏانهن کڻي ويو هو. 4آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
5تڏهن مون ڪاهنن ۽ خداوند جي گھر ۾ بيٺل ٻين ماڻهن جي روبرو نبي سڏائيندڙ حننياہ کي چيو تہ 6”آمين! شل خداوند ائين ئي ڪري! جيڪي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري تو ڪيون آهن سي شل خداوند پوريون ڪري ۽ هيڪل جو سامان ۽ سڀ جلاوطن ڪيل ماڻهو بابل مان موٽائي هن هنڌ آڻي. 7تنهن هوندي بہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، جيڪا آءٌ تنهنجي ۽ هنن سڀني ماڻهن جي روبرو ڪريان ٿو. 8مون کان ۽ تو کان اڳي جيڪي نبي قديم زماني کان ٿي گذريا آهن، تن گھڻن ئي ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي خلاف اڪثر ڪري جنگ، مصيبت ۽ وبا بابت اڳڪٿيون پئي ڪيون هيون. 9پر جيڪو امن وَ امان بابت اڳڪٿي ڪري ٿو، تنهن کي خداوند جو موڪليل نبي تڏهن ئي تسليم ڪبو جڏهن ان جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿئي.“
10تڏهن نبي سڏائيندڙ حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي. 11پوءِ حننياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ ئي طرح آءٌ ٻن سالن اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي غلاميءَ جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس.‘“ پوءِ آءٌ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويس.
12جڏهن حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي، تنهن کان ٿوري دير پوءِ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ 13”وڃ، تون حننياہ کي وڃي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تو ڪاٺيءَ جي پاڃاري ڀڳي آهي، پر هاڻ ان جي عيوض آءٌ لوهہ جي پاڃاري جوڙيندس. 14آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھندس، تہ جيئن هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري ڪن، يقيناً هو ائين ئي ڪندا. آءٌ جھنگ جا جانور بہ هن جي تابع ڪري ڇڏيندس.‘“
15سو مون وڃي حننياہ کي اهو پيغام ٻڌائيندي وڌيڪ چيو تہ ”اي حننياہ! ٻڌ، جيئن تہ خداوند تو کي ڪونہ موڪليو آهي، تہ بہ تو هن قوم کي ڪوڙ مٿان يقين ڪرڻ تي قائل ڪيو آهي. 16تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“
17سو انهيءَ ساڳئي سال جي ستين مهيني ۾ نبي سڏائيندڙ حننياہ مري ويو.

Currently Selected:

يرمياہ 28: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in