Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 26

26
هيڪل ۾ يرمياہ جي تبليغ
1 # 2.با 23‏:36‏–24‏:6، 2.توا 36‏:5‏-7 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي شروع ۾ مون يرمياہ تي خداوند وٽان هي فرمان نازل ٿيو تہ 2”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ. 3ٿي سگھي ٿو تہ هو انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي خراب رستي کان باز اچن، تہ پوءِ هنن جي بڇڙن ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي تنهن کان آءٌ مڙي ويندس.
4سو تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن ۽ نہ ئي منهنجي ڏنل شريعت تي هليا آهيو. 5اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا، 6#يش 18‏:1، زب 78‏:60، ير 7‏:12‏-14 تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي #26‏:6 سيلا شهر هي اهو شهر هو جتي عيلي ڪاهن جي دور ۾ عهد واري صندوق رکيل هئي، بعد ۾ فلستين انهيءَ شهر کي ناس ڪري ڇڏيو هو.سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“
7 ڪاهنن، نبي سڏائيندڙن ۽ سڀني ماڻهن مون يرمياہ کي خداوند جي گھر ۾ #26‏:7 اهي ڳالهيون يرمياہ جي ٻڌايل پيغام جو تفصيل باب 7‏:1‏-15 ۾ بيان ٿيل آهي.اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌو. 8پر جڏهن مون اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪئي جن جي ٻڌائڻ جو خداوند مون کي حڪم ڪيو هو، تڏهن انهن سڀني اچي مون کي پڪڙي سوگھو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هاڻ تو کي جيئرو نہ ڇڏينداسين. 9تون خداوند جي نالي ۾ اڳڪٿي ڪري ڇو چوين ٿو تہ هيءَ هيڪل سيلا شهر جهڙي ٿي ويندي ۽ هي شهر اهڙو ويران ڪيو ويندو جو ڪوبہ منجھس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟“ تڏهن خداوند جي گھر ۾ موجود سڀيئي ماڻهو منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا.
10جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا. 11تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن انهن عملدارن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن يروشلم شهر جي خلاف اڳڪٿي ڪئي آهي. جيئن تہ اها ڳالهہ اوهان پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي.“
12تڏهن يرمياہ سڀني عملدارن ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”خداوند پاڻ مون کي موڪليو آهي تہ هن هيڪل ۽ هن شهر جي خلاف اهي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌايان جيڪي اوهان هاڻ ٻڌيون. 13سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي. 14باقي رهيس آءٌ، سو آءٌ تہ اوهان جي هٿ ۾ آهيان، اوهين جيئن مناسب سمجھو تيئن مون سان ورتاءُ ڪريو. 15رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بي‌گناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“
16تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“
17تڏهن ملڪ جي مکيہ ماڻهن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ اتي گڏ ٿيل ماڻهن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا تہ 18#ميڪ 3‏:12 ”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ
صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو.
هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو،
۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘
19پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“
20‏-24انهن کان علاوہ اخيقام ولد سافن نالي هڪڙي مکيہ ماڻهوءَ جي حمايت ڪرڻ ڪري مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪيو ويو.
اورياہ نبيءَ جو قتل
يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اورياہ ولد سمعياہ نالي هڪڙو نبي پنهنجي شهر قريت‌يعريم کان يروشلم ۾ اچي خداوند جي نالي سان اڳڪٿي ڪرڻ لڳو. هن بہ انهن ساڳين ئي ڳالهين جي اڳڪٿي ٿي ڪئي جيڪي مون يرمياہ هن شهر ۽ ملڪ جي خلاف ڪيون هيون. جڏهن يهويقيم بادشاهہ، سندس لشڪرن جي سمورن سالارن ۽ عملدارن هن جون ڳالهيون ٻڌيون تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر اورياہ نبيءَ کي اهو پتو پئجي ويو سو هو ڊڄي مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. پوءِ بادشاهہ يهويقيم الناتن ولد عڪبور سان گڏ ڪجھہ ٻيا ماڻهو مصر ڏانهن موڪليا، جيڪي اورياہ کي مصر مان پڪڙي يهويقيم بادشاهہ وٽ وٺي آيا. بادشاهہ هن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

Currently Selected:

يرمياہ 26: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in