YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 4

4
پاڻ کي خدا جي تابع رکڻ
(4‏:1‏–5‏:6)
(دنيا جي دوستي خدا سان دشمني)
1اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟ 2اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو. 3پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.
4اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي. 5ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪو روح خدا اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌو آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟ 6#چوڻ 3‏:34 پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“
7تنهنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکندي ابليس جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو. 8خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو. 9افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾. 10خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.
(تهمت هڻڻ شريعت جي خلاف‌ورزي)
11 # يع 2‏:8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين شريعت تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو. 12ياد رکو تہ شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو هڪڙو آهي. اهو ئي بچائي ۽ برباد ڪري سگھي ٿو. پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو پنهنجي هم‌ايمان جي عدالت ٿا ڪريو!
(ٻٽاڪون هڻڻ خداوند جي انحرافي)
13 # چوڻ 27‏:1 هاڻ اوهين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شهر ۾ وينداسين، هڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پئسا ڪمائينداسين.“ 14ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي. 15تنهنڪري اوهان کي هيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن خداوند گھريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“ 16پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.
17مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس گناهہ ليکيو ويندو.

Currently Selected:

يعقوب 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in