Bible App logo
Search Icon

هوسيع 3

3
هوسيع ۽ بي‌وفا زال
1 خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“
2سو مون #3‏:2 چانديءَ جي پندرهن سڪن اٽڪل هڪ سؤ ستر گرام.چانديءَ جي پندرهن سڪن ۽ هڪ سؤ پنجاهہ ڪلوگرام جَون جي عيوض اها عورت پنهنجي لاءِ خريد ڪئي. 3تنهن هوندي بہ مون کيس چيو تہ ”تون هاڻي گھڻي وقت تائين رڳو منهنجي انتظار ۾ رهہ ۽ آءٌ بہ تنهنجي ويجھو ڪونہ ايندس بلڪ تنهنجي انتظار ۾ رهندس. ان وقت تائين تون ڪنهن ٻئي سان وڃي نہ سمهج. هائو، تون ڪسب هرگز نہ ڪرائج.“ 4بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا. 5پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.

Currently Selected:

هوسيع 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in