Bible App logo
Search Icon

هوسيع 13

13
اسرائيل وارن کي بي‌وفائي جي سزا
1بيشڪ خداوند ڀوائتيون ڳالهيون ڪري
اسرائيل وارن کي ڊيڄاريو.
هن انهن جي خلاف سخت لهجي ۾ ڳالهايو تہ
”بعل ديوتا جي پوڄا ڪري اهي گنهگار ٿيا آهن،
سو هو ضرور ماريا ويندا.“
2پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا،
۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون.
هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا،
پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ
”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“
ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي،
جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟
3تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا،
يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.
اهي ائين کڄي ويندا
جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي،
يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.
4 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي اسرائيل وارؤ!
آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان،
جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو.
تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ
ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.
5 # شر 8‏:11‏-17 مون ئي رڻ‌پٽ ۾ اوهان جي سار لڌي.
هائو، بيحد ويران علائقي ۾ مون ئي اوهان کي سنڀاليو.
6پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا،
۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو،
هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو،
تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.
7تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف ببر شينهن جيان ٿيندس.
هائو، آءٌ چيتي جيان اوهان جي رستي ۾ ڇپ هڻي
اوهان کي تاڙي ويهندس.
8آءٌ اهڙي رڇڻيءَ جيان اچي اوهان تي ڪڙڪندس،
جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن.
جيئن جھنگلي جانور پنهنجي شڪار کي
اتي ئي چيري ڦاڙي ڇڏيندا آهن،
تيئن آءٌ بہ شينهن جيان اوهان جو پيٽ ڦاڙي
اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏيندس.
9ٻڌو اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻڌو،
آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس.
اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اچي اوهان جي مدد ڪري.
10 # 1.سم 8‏:5‏-6 هاڻي اوهان جو اهو بادشاهہ ڪٿي آهي،
جيڪو دشمنن کان اوهان ۽ اوهان جي شهرن کي بچائي؟
ڪٿي آهن اوهان جا اهي حاڪم جن بابت اوهان چيو ٿي تہ
’اسان جي مٿان بادشاهہ ۽ حاڪم مقرر ڪيا وڃن.‘
11 # 1.سم 10‏:17‏-24، 15‏:26 تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا،
۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.
12اسرائيل وارن جيڪا بدڪاري ڪئي،
سا لکي رکي ويئي آهي.
هائو، هنن جيڪي گناهہ ڪيا تن کي گڏ ڪيو ويو آهي.
13ڪوبہ ٻار ويم جي وقت
پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار نہ ٿو ڪري،
پر اسرائيل وارا ايترا تہ نادان آهن،
جو هو گناهن کان ٻاهر نڪري زندهہ رهڻ نہ ٿا چاهين.
14 # 1.ڪر 15‏:55 تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس،
نہ وري کين موت کان بچائيندس.
اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟
اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟
هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.
15توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر
ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا،
تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو.
هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو،
تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا،
۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.
16اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو،
ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن،
اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا،
سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو،
۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“

Currently Selected:

هوسيع 13: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in