YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 5

5
مسيح ۾ مليل آزادي قائم رکو
1 مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.
2ڌيان سان ٻڌو! آءٌ پولس اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهين طهر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪوبہ فائدو نہ پهچندو. 3آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري. 4اوهين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آهيو. 5پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون. 6سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.
7اوهين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟ 8اهو ڪم اوهان جي سڏڻ واري خدا جي طرفان نہ آهي. 9#1.ڪر 5‏:6 خبردار رهجو، اهو ڪم خمير مثل آهي جيڪو ٿورڙو ئي سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي. 10جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.
11جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اها تبليغ ڪريان ٿو تہ طهر ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ صليب واري منهنجي تبليغ ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهي. 12چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو #5‏:12 پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين اصلي متن ۾ پاڻ کي نامرد بڻائڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مان پراڻي عهدنامي مطابق پاڻ کي پنهنجي جماعت مان خارج ڪرڻ سمجھيو وڃي ٿو (ڏسو شريعت جو دور 23‏:1). پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين.
13اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو. 14#لاو 19‏:18 اهڙيءَ خدمت جي وسيلي سڄي شريعت هن هڪڙي ئي حڪم ۾ پوري ٿئي ٿي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 15پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو.
پاڪ روح ۽ انساني فطرت
16پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا، 17#رو 7‏:15‏-23 ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو. 18پر جيڪڏهن اوهين پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آهيو.
19هاڻ انساني فطرت جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، حرامڪاري ۽ شهوت‌پرستي، 20بت‌پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي، 21بغض، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.
22پر پاڪ روح جو ڦل آهي پيار، خوشي، سلامتي، صبر، مهرباني، نيڪي، وفاداري، 23نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪابہ شريعت نہ آهي. 24اسين جيڪي عيسيٰ مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت صليب تي چاڙهي ڇڏيو آهي. 25هاڻي جيئن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پاڪ روح جي هدايت موجب کپي 26۽ اجايو فخر ڪندي اسين نہ هڪٻئي کي چيڙايون، نڪي هڪٻئي سان حسد ڪريون.

Currently Selected:

گلتين 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in