YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 2

2
پولس ۽ ٻين رسولن جو هڪ راءِ ٿيڻ
1 # رس 11‏:30، 15‏:2 آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس. 2آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. 3سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو طهريل نہ هو، تڏهن بہ مٿس طهر ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون. 4طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين. 5انهن جي تابع رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.
6 # شر 10‏:17 باقي ڪليسيا ۾ جيڪي معتبر ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي. 7اٽلندو انهن معتبرن کي اهو معلوم ٿي ويو تہ خدا #2‏:7 غير يهودين هن آيت ۾ اصلي مسودي ۾ يهودين لاءِ ”طهريل“ ۽ غير يهودين لاءِ ”اڻ‌طهريل“ لکيل آهي (ڏسو 2‏:8‏-9 پڻ).غير يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، جيئن هن يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري پطرس جي حوالي ڪئي هئي. 8هائو، خدا جنهن يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو. 9سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾. 10هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.
پولس جو پطرس کي ڇينڀڻ
11پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو. 12ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. 13اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي رياڪاريءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو. 14جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“
ايمان آڻڻ سان ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي سگھجي ٿو
15بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي گنهگار ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون. 16#زب 143‏:2، رو 3‏:20‏،22 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.
17پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر شريعت جي نسبت ۾ گنهگار ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح گناهہ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ. 18حقيقت ۾ شريعت جي ڀت جيڪا مون ڊاهي ڇڏي آهي، سا جيڪڏهن وري اڏيان تڏهن آءٌ ڏوهاري قرار ڏنو ويندس. 19جيئن تہ شريعت جي وسيلي آءٌ گنهگار قرار ڏنو ويو آهيان، سو شريعت جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن خدا جي نسبت ۾ جيئرو رهان. 20هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. 21مطلب تہ آءٌ خدا جي فضل کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن شريعت جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.

Currently Selected:

گلتين 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in