Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 8

8
يروشلم ۾ بت‌پرستيءَ بابت حزقي‌ايل جو رويا ڏسڻ
1اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي. 2#حز 1‏:27 مون اکيون کڻي نهاريو تہ رويا ۾ ڏٺم تہ باهہ جي شڪل واري هڪڙي انساني صورت بيٺي آهي. انهيءَ جو چيلهہ کان هيٺ وارو حصو باهہ جهڙو هو ۽ چيلهہ کان مٿي وارو حصو چمڪندڙ پتل جهڙو هئس. 3هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو. 4#حز 1‏:28 اتي مون تجليدار روشني ڏٺي، جنهن مان بني اسرائيل جي خدا جو جلوو ظاهر ٿي ٿيو، جيئن مون اڳ رويا ۾ ڪبار نهر جي ڀرسان ميدان منجھہ ڏٺو هو.
5تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجيون اکيون کڻي اتر طرف نهار.“ سو جڏهن مون مڙي ڪري اتر طرف ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ دروازي جي لنگھہ وٽ جتي اها مورتي کوڙيل آهي جنهن خدا کي غيرت ڏياري هئي، تنهن جي هڪ قربان‌گاهہ بہ آهي. 6تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“
7پوءِ هن مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جي دروازي وٽ آندو، جتي مون نهاريو تہ ڀت ۾ هڪڙو سوراخ نظر آيو. 8پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هاڻي تون هتان ڀت کوٽ.“ جڏهن مون ڀت کوٽي تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ڪمرو آهي. 9تڏهن هن مون کي فرمايو تہ ”انهيءَ ڀت کان اندر لنگھي وڃي ڏس تہ هو اتي ڪهڙا نہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا.“ 10سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا. 11اتي بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا انهن بتن جي سامهون بيٺا هئا ۽ يازنياہ ولد سافن انهن جي وچ ۾ بيٺو هو. انهن سڀني جي هٿن ۾ لوباندان هئا، جن مان لوبان جو خوشبودار دونهون مٿي پئي اٿيو. 12تڏهن خدا مون کان پڇيو تہ ”اي حزقي‌ايل! اي آدمزاد! ڏس تہ بني اسرائيل جا اڳواڻ ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڇا ٿا ڪن! اهي سڀ پنهنجي پنهنجي مورتين جي مخصوص جاين اڳيان انهن جي پوڄا ٿا ڪن. اهي بهانو بڻائي چون ٿا تہ ’خداوند اسان کي نہ ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهي.‘“ 13پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين، جيڪي بني اسرائيل ڪن ٿا.“
14پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اتر طرف واري دروازي وٽ وٺي آيو. مون ڏٺو تہ اتي عورتن #8‏:14 تموز ديوتا هي هڪڙو ديوتا هو جنهن جي باري ۾ اهو عقيدو هو تہ سياري جي موسم ۾ جڏهن سائو گاهہ سڙي وڃي ٿو تہ هو بہ انهيءَ سان گڏ مري وڃي ٿو. پوءِ وري جڏهن بهار جي موسم ۾ سائو گاهہ ڦٽي نڪري ٿو تہ تموز ديوتا بہ وري جيئرو ٿئي ٿو. عورتون تموز ديوتا جي موت تي ماتم ڪنديون هيون.تموز ديوتا جي موت تي ويٺي ماتم ڪيو. 15تڏهن هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ بلڪ تون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.“ 16پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.
17تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بي‌حرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون. 18تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 8: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in