22
يروشلم وارن جا گناهہ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار. 3انهيءَ شهر کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم! تو ۾ گھڻن ئي ماڻهن جي خونريزي ڪئي ويئي آهي ۽ بتن جي پوڄا ڪئي ويئي آهن. تنهنڪري جلد ئي تو کي سزا ڏني ويندي. 4جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا. 5اي بدنام ۽ فساد سان ڀريل شهر! جيڪي بہ تو کي ويجھا يا پري آهن سي تو تي ٺٺوليون ڪندا.
6ڏس، اي يروشلم! بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي طاقت آهر تو منجھہ رت وهائڻ ۾ مشغول آهن. 7#خر 20:12، 22:21-22، شر 5:16، 24:17 تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رننزالن کي ستايو ٿو وڃي. 8#لاو 19:30، 26:2 تو ۾ منهنجي مقدس جاين لاءِ ڪو احترام نہ رهيو آهي ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بيادبي ڪئي ٿي وڃي. 9تنهنجي رهاڪن مان ڪي چغلخوري ڪندي خون ٿا ڪرائين ۽ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو ٿا کائين ۽ زناڪاري ۽ بدفعلي پيا ڪن. 10#لاو 18:7-20 ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان زناڪاري ٿا ڪن ۽ حيض وارين عورتن سان زبردستيءَ ٿا سمهن. 11ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين. 12#خر 22:25، 23:8، لاو 25:36-37، شر 16:19، 23:19 تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.
13تنهنڪري ياد رک، تو ۾ جيڪا لٽ ڦر ۽ خونريزي ڪئي ٿي وڃي، تنهن جي ڪري آءٌ تو تي پنهنجي غضب وچان هٿ کڻندس. 14جڏهن آءٌ تو کان حساب وٺندس تڏهن ڇا تو ۾ ڪا همت هوندي يا تنهنجي بازن ۾ ڪا طاقت هوندي؟ اهو مون خداوند جو فرمان آهي جيڪو آءٌ پورو ڪري ڏيکاريندس. 15آءٌ تنهنجي رهاڪن کي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي پليتي تو مان بلڪل صاف ڪري ڇڏيندس. 16تون ٻين قومن جي نظر ۾ ذليل ٿي ويندين، تڏهن تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
خدا جو غضب کوريءَ مثل
17 خداوند فرمايو تہ 18”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم منهنجي اڳيان بيڪار آهي. هائو، اهي سڀ جو سڀ چانديءَ کي صاف ڪرڻ کان پوءِ، کوري ۾ باقي بچيل ميرُ ٽامي، قلعي، لوهہ ۽ شيهي جيان آهن. 19-20سو هاڻي آءٌ خداوند خدا کين ٻڌايان ٿو تہ ’اوهين سڀ بيڪار ميرُ ٿي پيا آهيو. تنهنڪري ڏسو، جهڙيءَ طرح چانديءَ، ٽامي، لوهہ، شيهي يا قلعيءَ جي ڌاتوءَ کي کوري ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن تي باهہ ڦوڪي ويندي آهي تہ جيئن اهي پگھري وڃن، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي غضب وچان اوهان بني اسرائيل کي يروشلم منجھہ گڏ ڪري ڌاتوءَ جيان پگھاري ڇڏيندس. 21هائو، آءٌ اوهان سڀني کي گڏ ڪندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ اوهان تي ڦوڪيندس، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي پگھاري پاڻي ڪري ڇڏيان. 22جيئن چاندي کوري ۾ پگھرندي آهي تيئن اوهين بہ يروشلم ۾ پگھري ويندا. تڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مون خداوند اوهان تي پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي.‘“
بني اسرائيل جي اڳواڻن جا گناهہ
23 خداوند وري مون کي فرمايو تہ 24”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌائي ڇڏ تہ سندن ملڪ گناهن سان ڀرجي ويو آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي غضب وچان سندن ملڪ تي مينهن ڪونہ وسائيندس. 25ملڪ جي اڳواڻن جي فتنہانگيزي پيئي هلي. اهي گجندڙ شينهن جيان آهن جيڪو پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي. هو ماڻهن کي ڳهيو ٿا ڇڏين ۽ سندن مال متاع ۽ قيمتي شيون ڦري لٽي ٿا ڇڏين. هنن مڙسن کي قتل ڪري رننزالن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي. 26#لاو 10:10 ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بيحرمتي ٿي ڪري. 27بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا. 28بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون ٻڌائي اڳواڻن جي گناهن کي گاري جي ليپي جيان ٿا ڍڪين. انهن جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي جڏهن اهي چون ٿا تہ ’اهو خداوند خدا جو پيغام آهي،‘ جڏهن تہ مون ساڻن ڪجھہ ڳالهايو ئي ڪونهي. 29بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.
30مون انهن منجھہ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي گھڻي ڳولا ڪئي، جيڪو ڪوٽ جي مرمت ڪري يعني اهو کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار ڪري يا وري ڀڳل ٽٽل ڀت تي کڻي بيهي يعني اهو مون خداوند آڏو پڪاري تہ جيئن منهنجي قوم منهنجي ايندڙ غضب کان محفوظ رهي سگھي ۽ برباد نہ ٿئي، پر مون کي منجھن اهڙو ڪوبہ نہ مليو. 31تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“