خروج 7:3-8
خروج 7:3-8 SB
پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي. انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.





