5
1مطلب تہ اوهين خدا جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو. 2#خر 29:18، زب 40:6 اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.
روشنيءَ ۾ زندگي گذارڻ
3جيئن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي. 4انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بيشرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي. 5ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتپرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.
6خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 7تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو. 8ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو، 9ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي. 10اهڙي زندگي گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ خداوند عيسيٰ کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي. 11اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو، 12ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي. 13پر سڀڪا شيءِ جيڪا ملامت هيٺ اچي ٿي سا انهيءَ روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿي پوي ٿي، 14ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ
”اي ستل! جاڳي پئُہ،
مئلن منجھان جي اُٿ،
تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“
15تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر 16#ڪل 4:5 نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي. 17انهيءَ ڪري نادان نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي مرضي ڪهڙي آهي.
18-19 #
ڪل 3:16-17
مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بياحتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو. 20هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.
پاڪ روح سان ڀرپور ڪليسيا وارن جو هڪٻئي سان رويو
(5:21–6:9)
21 مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي تابع رهو.
(زال ۽ مڙس)
22 #
ڪل 3:18، 1.پط 3:1 تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون، 23ڇاڪاڻ تہ مڙس زال جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي بدن يعني ڪليسيا جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي. 24سو جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ گھرجي.
25 #
ڪل 3:19، 1.پط 3:7 ساڳيءَ طرح اي مڙسؤ! اوهين پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين. 26هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي. 27هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بيعيب هجي. 28سو مڙسن کي بہ پنهنجين زالن سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن جسمن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجيءَ زال سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو. 29ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي جسم کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو، 30ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.
31 #
پيد 2:24
زال مڙس بابت پاڪ ڪلام ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا.“ 32اهو هڪڙو وڏو راز آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آهي. 33اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.