YouVersion Logo
Search Icon

اِفسين 2

2
عيسيٰ مسيح ۾ نئين زندگي
1 # ڪل 2‏:13 گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ گناهن جي ڪري مئل هئا. 2انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن. 3اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.
4پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آهي تنهن پنهنجي گھڻي پيار جي سبب جيڪو هن اسان سان ڪيو، 5اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا گناهن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ خدا جي فضل جي ڪري ئي بچي ويا آهيو. 6عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري خدا اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ عرش عظيم تي ساڻس گڏ ويهاريائين. 7اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي فضل جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري. 8مطلب تہ خدا جي فضل جي ڪري ئي اوهين ايمان آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي. 9هائو، اهو اوهان جي عملن جي ڪري نہ آهي جو متان ڪو پاڻ تي فخر ڪري. 10اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.
عيسيٰ مسيح ۾ ميل ميلاپ
11تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻ‌طهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ 12اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاهر ۽ خدا جي ٻڌل عهدن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن دنيا ۾ خدا کان جدا ۽ نااميديءَ واري زندگي گذاريندا هئا. 13پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو. 14سو مسيح ئي اسان جي صلح جو وسيلو آهي، جنهن پنهنجي جسم جي قربانيءَ وسيلي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن اها ڀت ڊاهي ڇڏي، جنهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري دشمن بڻائي رکيو هو. 15#ڪل 2‏:14 اها ڀت شريعت پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ شريعت کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو. 16#ڪل 1‏:20 مسيح انهن جو خدا سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو بدن بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي صليبي موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين. 17#يس 57‏:19 سو اوهين جيڪي ٻڌل عهدن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي. 18ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي.
19تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين خدا جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو. 20اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا رسولن ۽ خدا جي ٻين پيغام ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود عيسيٰ مسيح آهي. 21هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح خداوند لاءِ هڪ مخصوص ۽ پاڪ گھر ٺهندو وڃي ٿو. 22مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ خدا پنهنجي پاڪ روح جي ذريعي رهي سگھي.

Currently Selected:

اِفسين 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in