Bible App logo
Search Icon

دانيال 8

8
گھٽي ۽ ٻڪر واري رويا
1بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال هڪڙي ٻي رويا ڏٺي. 2هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.
3اکيون کڻي ڏٺم تہ واهہ وٽ هڪڙو گھٽو بيٺو هو، جنهن کي ٻہ سڱ هئا. هونئن تہ سندس ٻئي سڱ ڊگھا هئا، پر پوءِ نڪتل سڱ ٻئي کان وڌيڪ ڊگھو ٿي ويو. 4مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.
5اڃا مون انهيءَ تي ويچار ئي پئي ڪيو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر جنهن جي اکين جي وچ تي هڪڙو ڊگھو سڱ هو، سو اولهہ طرف کان سڄي ڌرتيءَ جي سطح تان ايترو تہ تيزيءَ سان ڌوڪيندو ٿي آيو، جو سندس پيرن زمين کي بہ نہ ٿي ڇهيو. 6هو پنهنجي طاقت جي جوش مان واهہ جي ڪناري تي بيٺل انهيءَ ٻن سڱن واري گھٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ ڌوڪيندو آيو. 7گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي.
8پوءِ اهو ٻڪر پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو، پر جڏهن هو تمام زورآور ٿي ويو، تڏهن سندس وڏو سڱ ڀڄي پيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي چار ڊگھا سڱ چئني طرفن ڏانهن نڪري آيا.
9انهن مان هڪڙي منجھان هڪ ننڍڙو سڱ نڪتو، جيڪو وڌي تمام وڏو ٿيو ۽ ان جو رخ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ۽ بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ڏانهن پڻ هو. 10#مڪا 12‏:4 اهو اڃا بہ وڌندو ويو ۽ وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو. هن انهن مان ڪن تارن کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ کين لتاڙي ڇڏيائين. 11اهو اهڙو تہ وڏو ٿي ويو جو آسمان جي لشڪر جي حاڪم جي مقابل ٿي بيٺو. سندس روزانو وارين قربانين کي بند ڪري ڇڏيائين ۽ سندس مقدس هيڪل کي پليت ڪري ڇڏيائين. 12ان سڱ اهو آسماني لشڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي پليتي رکيائين. شريعت واري راهہ کي هن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کيس جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين ۽ ڪامياب پئي رهيو.
13پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي ٻئي کان پڇندي ٻڌو تہ ”ڪيستائين روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي بربادي آڻيندڙ پليتي رکي ويندي؟ ۽ ڪيستائين مقدس هيڪل ۽ آسماني لشڪر کي لتاڙيو ويندو، جن جو بيان هن رويا ۾ اچي ٿو؟“ 14هن کيس وراڻيو تہ ”روزانو صبح ۽ شام ٻنهي وقتن تي ٻہ هزار ٽي سؤ قربانين ڏيڻ جي عرصي تائين، جيڪي نہ ڏنيون وينديون. انهيءَ کان پوءِ اها مقدس هيڪل پاڪ ٿيندي.“
جبرائيل جو رويا بابت سمجھائڻ
15انهيءَ رويا جي آخر ۾ جڏهن آءٌ دانيال انهيءَ جي مطلب سمجھڻ جي فڪر ۾ هئس تہ اوچتو انساني صورت ۾ ڪو منهنجي سامهون اچي بيٺو. 16#لو 1‏:19‏-26 پوءِ مون اُولائي واهہ طرفان هڪڙو انساني آواز ٻڌو، جنهن وڏي سڏ چيو تہ ”اي جبرائيل! هن شخص کي انهيءَ رويا جو مطلب سمجھاءِ.“ 17تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“ 18جڏهن هو اهو ڳالهائي رهيو هو، تڏهن آءٌ گَهري ننڊ جي حالت ۾ منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو هئس. سو هن مون کي وٺي سڌو ڪري بيهاريو. 19پوءِ مون کي چوڻ لڳو تہ ”ٻڌ، آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي غضب واري انهيءَ زماني جي آخر ۾ ڇا ڇا ٿيندو، جنهن جي پڄاڻيءَ جو وقت مقرر ٿيل آهي.
20رويا ۾ ڏٺل گھيٽي جي ٻن سڱن مان مراد مادئي ۽ فارس ملڪن جا ٻہ بادشاهہ آهن. 21جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو #8‏:21 پهريون بادشاهہ يوناني شهنشاهت جو اهو پهريون بادشاهہ گھڻو ڪري ”سڪندر اعظم“ هو.پهريون بادشاهہ آهي. 22انهيءَ سڱ جي ڀڄي پوڻ بعد ان جي جاءِ تي جيڪي ٻيا چار سڱ نڪري بيٺا هئا، سي اهي چار بادشاهتون آهن جيڪي انهيءَ شهنشاهت جي ٽٽڻ بعد اتي قائم ٿينديون. پر اهي پهرين شهنشاهت جهڙيون مضبوط نہ هونديون. 23انهن بادشاهتن جي آخري وقت ۾ جڏهن گنهگار ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ انتها ڪري چڪا هوندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو بدمزاج هوندو ۽ سازشن سٽڻ ۾ ماهر هوندو. 24هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو. 25جيئن تہ هو بيحد چالاڪ هوندو، سو پنهنجي ٺڳيءَ وارين اٽڪلن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجھندو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سندن بي‌خبريءَ ۾ ناس ڪري ڇڏيندو. ايتري قدر جو هو حاڪمِ اعليٰ خدا جي خلاف پڻ اُٿي کڙو ٿيندو. پر انهيءَ کي انساني هٿ لائڻ کان سواءِ ئي تباهہ ڪيو ويندو. 26صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي في‌الحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“
27تڏهن آءٌ دانيال ساڻو ٿي پيس ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار پيو هئس. پوءِ ٺيڪ ٿيڻ تي اُٿي بادشاهہ جي ڪمن ڪارين کي لڳي ويس. انهيءَ رويا سبب آءٌ پريشان هئس، ڇوجو اها سمجھہ کان ئي ٻاهر هئي.

Currently Selected:

دانيال 8: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in