Bible App logo
Search Icon

دانيال 19:8-21

دانيال 19:8-21 SB

پوءِ مون کي چوڻ لڳو تہ ”ٻڌ، آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي غضب واري انهيءَ زماني جي آخر ۾ ڇا ڇا ٿيندو، جنهن جي پڄاڻيءَ جو وقت مقرر ٿيل آهي. رويا ۾ ڏٺل گھيٽي جي ٻن سڱن مان مراد مادئي ۽ فارس ملڪن جا ٻہ بادشاهہ آهن. جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو پهريون بادشاهہ آهي.