دانيال 25:5-28
دانيال 25:5-28 SB
ڀت تي جيڪي لفظ لکيل آهن يعني ’ڳڻپ، ڳڻپ، تور، ورهاست،‘ تن جو مطلب هي آهي. ’ڳڻپ، ڳڻپ‘ يعني خدا تنهنجي بادشاهيءَ جا ڏينهن ڳڻي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس. ’تور‘ يعني تون تارازيءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گھٽ نڪتو آهين. ’ورهاست‘ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي ۽ اها مادئين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“





