Bible App logo
Search Icon

دانيال 11

11
1جهڙيءَ طرح اڳ ۾ دارا مادئيءَ جي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ميڪائيل جو ساٿ ڏيڻ ۽ کيس زور وٺائڻ لاءِ آءٌ ئي اُٿي کڙو ٿيو هئس.“
مصر ۽ شام جون بادشاهتون
2پوءِ انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ تو کي انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي حقيقت ٻڌايان ٿو. سو ٻڌ، فارس ۾ اڃا ٽن بادشاهن جي حڪومت اچڻي آهي ۽ ان بعد چوٿون بادشاهہ ٿيندو، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ دولتمند هوندو. هو دولت ۽ طاقت ۾ ايترو تہ وڌي ويندو، جو پوري شهنشاهت کي يونان جي بادشاهت خلاف اٿاري کڙو ڪندو. 3پوءِ هڪڙو #11‏:3 زبردست شهنشاهہ هي گھڻو ڪري ”سڪندر اعظم“ ڏانهن اشارو آهي.زبردست شهنشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو گھڻين ئي بادشاهتن تي حڪومت ڪندو ۽ جيئن وڻندس تيئن ڪندو. 4پر جڏهن هو اوج تي پهچندو، تڏهن سندس شهنشاهت جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ اها ٽڪرا ٽڪرا ٿي چئن حصن ۾ ورهائجي ويندي. انهيءَ مان ڪوبہ حصو سندس اولاد کي نہ ملندو، بلڪ اهي سڀ حصا ٻين جي حوالي ٿيندا. انهن حصن جي حشمت سندس حڪومت جهڙي نہ رهندي.
5پوءِ مصر جو بادشاهہ زور وٺندو. پر سندس فوجي سالارن مان هڪڙو سالار ساڻس بغاوت ڪري انهيءَ کان بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو ۽ کانئس وڏي علائقي کي شام جي بادشاهت ۾ شامل ڪري مٿس حڪومت ڪندو. 6ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جو بادشاهہ شام جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيندو. پر اهو اتحاد جٽاءُ نہ ڪندو، ڇو تہ اها عورت پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ ساڻس گڏ آيل خدمتگارن سميت قتل ڪئي ويندي ۽ ان بادشاهہ جو نسل ئي ختم ٿي ويندو. 7انهيءَ کان پوءِ مصر ۾ انهيءَ عورت جي خاندان منجھان هڪڙو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي مصر جو بادشاهہ ٿيندو. هو شام جي بادشاهہ جي لشڪر تي حملو ڪندو ۽ سندس قلعي ۾ گھڙي کيس شڪست ڏيندو. 8هو انهن جي معبودن جا بت ۽ پلٽيل مورتيون ۽ کين نذر ڪيل سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ مالِ‌غنيمت طور پاڻ سان مصر کڻي ويندو. ڪجھہ سالن تائين سانت ۾ رهڻ کان پوءِ 9شام جو بادشاهہ مصر ملڪ تي ڪاهہ ڪري ايندو، پر پويان پير ڪري پنهنجي ملڪ موٽي ويندو.
10ان کان پوءِ شام جي بادشاهيءَ تي ايندڙ سندس پٽ بہ جنگ لاءِ تياري ڪندي وڏا لشڪر گڏ ڪندا رهندا. انهن مان هڪڙو زبردست ٻوڏ وانگر مصر تي ڪاهي ايندو ۽ جنگ ڪندي ڪندي شاهي قلعي تائين پهچي ويندو. 11تڏهن مصر جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو ۽ نڪري اچي شام واري بادشاهہ سان وڙهندو ۽ انهيءَ جي وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيئي هٿ ڪندو. 12انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي، 13ڇاڪاڻ تہ شام جو بادشاهہ موٽي وڃي وري اڳي کان بہ وڏو لشڪر گڏ ڪندو. ڪجھہ سالن جي عرصي کان پوءِ هو هڪڙي وڏي لشڪر کي پوريءَ طرح مسلح ڪري مصر تي وري اچي ڪاهہ ڪندو. 14انهن ڏينهن ۾ گھڻا ئي ماڻهو مصر جي بادشاهہ خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ تنهنجيءَ قوم بني اسرائيل جا ڪي فسادي ماڻهو بہ اٿندا، تان‌تہ سندن رويا پوري ٿئي. پر اهي ناڪام ٿيندا. 15پوءِ شام جو بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندو ۽ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٻڌي هڪ مضبوط قلعي واري شهر کي هٿ ڪري وٺندو. مصر جا سپاهي جنگ جاري رکي نہ سگھندا، بلڪ انهن جي چونڊ جوانن ۾ بہ مقابلي جي طاقت نہ هوندي. 16ڪاهہ ڪري ايندڙ شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو، ڪوبہ انهيءَ جي سامهون بيهي نہ سگھندو. هو بني اسرائيل جي انهيءَ شانائتي ملڪ ۾ رهي پوندو ۽ انهيءَ کي تباهہ ڪرڻ جي سگھہ رکندو.
17شام جو بادشاهہ اهو ارادو ڪندو تہ پنهنجي بادشاهت جي انهيءَ حشمت کي پوريءَ طرح قائم رکي. ان لاءِ هو مصر جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائيندو، تان‌تہ اها سندس بادشاهيءَ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي. پر سندس اها تدبير ڪامياب نہ ٿيندي ۽ کيس ڪو فائدو نہ ٿيندو. 18تنهن کان پوءِ هو سامونڊي علائقي وارين قومن ڏانهن رخ ڪندو ۽ انهن مان گھڻين تي فتح حاصل ڪندو. پر ٻئي ملڪ جو هڪڙو فوجي سالار کيس شڪست ڏيئي هن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندو. هائو، هو شام جي بادشاهہ کي سندس غرور جو مزو چکائيندو. 19تڏهن شام جو بادشاهہ موٽي پنهنجي ئي ملڪ جي قلعن ۾ وڃي پناهہ وٺندو، پر کيس پوريءَ طرح شڪست ملندي ۽ سندس خاتمو ٿي ويندو.
20پوءِ هن جي جاءِ تي هڪڙو ٻيو بادشاهہ اٿندو، جيڪو پنهنجي شاهي دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ پوري شهنشاهت مان ٽيڪس اُڳاڙڻ واسطي هڪڙو عملدار موڪليندو. پر انهيءَ بادشاهہ کي ٿوري عرصي ۾ بنا ڪنهن جنگ جي ماٺ ميٺ ۾ ماري چٽ ڪيو ويندو.“
شام جو نيچ بادشاهہ
21انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ بادشاهہ جي جاءِ تي هڪڙو نيچ ماڻهو شام جو بادشاهہ بڻبو، جيڪو بادشاهيءَ جو حقدار نہ هوندو. پر اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو ۽ چالبازيءَ سان بادشاهيءَ تي قبضو ڪري وٺندو. 22هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو. 23هو ٻين قومن سان معاهدن جي آڙ ۾ دغابازي ڪندو ۽ ٿورن ئي ماڻهن جي مدد سان مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو. 24هو پنهنجي ملڪ جي آس‌پاس وارن شاهوڪار علائقن تي اوچتو ئي اوچتو ڪاهہ ڪري ويندو ۽ اهو ڪجھہ ڪندو جيڪو هن جي ابن ڏاڏن مان ڪوبہ ڪري نہ سگھيو هوندو. هو پنهنجن ۾ لُٽ ڦُر جو مال ۽ ٻيو مال‌متاع ورهائيندو ۽ مضبوط قلعن جي خلاف رٿون رٿيندو. مگر اها ڳالهہ رڳو ٿوري عرصي تائين هلندي.
25هو وڏي طاقت ۽ همت جھلي هڪڙو وڏو لشڪر ساڻ ڪري مصر جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ اٿندو. مصر جو بادشاهہ بہ نهايت وڏي ۽ زور واري لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ايندو. پر مصر جو بادشاهہ بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هن جي خلاف سازشون جوڙيون ويون هونديون. 26هائو، جيڪي سندس نمڪ کائيندا هوندا، سي ئي کيس اهڙو برباد ڪندا جو سندس گھڻا ئي سپاهي قتل ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح سندس لشڪر ٻُهارجي ويندو. 27باقي هنن ٻنهي بادشاهن جي دل بڇڙائيءَ ڏانهن راغب هوندي. هو هڪڙي ئي دسترخوان تي ويهي هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائيندا. پر انهن کي ڪوبہ فائدو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 28تنهن بعد شام جو بادشاهہ گھڻو ئي مالِ‌غنيمت کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندو. پر جيئن تہ هن جي دل انهيءَ عهد جي خلاف هوندي جيڪو خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل آهي، سو بني اسرائيل جي ملڪ وٽان گذرندي جيئن وڻندس تيئن کين نقصان پهچائيندو ويندو.
29پوءِ مقرر ٿيل وقت تي هو وري مصر تي حملو ڪرڻ نڪرندو، پر جيئن اڳي ڪامياب ٿيو هو تيئن هاڻي نہ ٿيندو. 30جيئن تہ رومي لشڪر سامونڊي جهازن ۾ چڙهي سندس مقابلي لاءِ نڪري ايندا، تنهنڪري هو دل هاري ويهندو. تڏهن هو موٽندي اها ڪاوڙ خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل عهد تي ڇنڊيندو، جڏهن تہ انهن ماڻهن جي پاسخاطري ڪندو جيڪي انهيءَ عهد کان ڦري ويا هوندا. 31#دان 9‏:27، 12‏:11، مت 24‏:15، مر 13‏:14 سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہ‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ #11‏:31 بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ ڏسو دانيال 9‏:27 جي صفحي هيٺ ڏنل سمجھاڻي.بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو. 32جن انهيءَ عهد جي خلاف‌ورزي ڪئي هوندي، تن کي هو چالبازيءَ سان پاڻ ڏانهن ڦيرائي آڻيندو. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي خدا کي سڃاڻين ٿا، سي ثابت قدم رهندي سندس مقابلو ڪندا. 33انهن ۾ جيڪي ڏاها اڳواڻ هوندا، سي گھڻن ئي ماڻهن کي سمجھائيندا. پر ڪجھہ عرصي تائين انهن اڳواڻن مان ڪن کي باهہ ڏيئي يا تلوار سان قتل ڪيو ويندو، يا ڪن کي قيد ڪيو ويندو يا ڦُريو لٽيو ويندو. 34انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي سندن مصيبت واري وقت ۾ ٿورا گھڻا ماڻهو اچي ٽيڪو ڏيندا، پر انهن ۾ گھڻا ئي مطلبي ماڻهو هوندا. 35بيشڪ انهن ڏاهن اڳواڻن منجھان ڪي ماريا ويندا. پر ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو اهي ثابت قدم رهڻ وارا سڌريل ۽ پاڪ صاف ٿي ويندا، ايستائين جو ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ واريون ڳالهيون پوريون ٿين، جن جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
36 # 2.ٿس 2‏:3‏-4، مڪا 13‏:5‏-6 سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو. 37اهو بادشاهہ نہ پنهنجي ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن، نڪي #11‏:37 عورتن جي وڻندڙ معبود گھڻو ڪري هي ٻارن توڙي فصل جي زرخيزيءَ جو ديوتا هو. ٿي سگھي ٿو تہ هي بابلين جو تموز ديوتا هجي (ڏسو حزقي‌ايل 8‏:14).عورتن جي وڻندڙ معبود ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو. هائو، هو ڪنهن بہ معبود جو لحاظ نہ ڪندو، بلڪ هو پنهنجو پاڻ کي ئي سڀني کان مٿاهون ڪندو. 38تنهن هوندي بہ هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو. هائو، جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا بہ نہ سڃاڻيندا هوندا، تنهن کي هو سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون نذرانو ڏيئي سندس احترام ڪندو. 39انهيءَ ڌارئي معبود جو نالو استعمال ڪندي هو پنهنجي قلعن جي حفاظت ڪندو. جيڪي انهيءَ معبود کي مڃيندا، تن جي عزت هو گھڻي وڌائيندو ۽ کين گھڻن مٿان حاڪم مقرر ڪندو ۽ انعام طور کين زمين ورهائي ڏيندو.
40شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو. 41هو بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ۾ بہ گھڙندو ۽ لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو. پر اوڀر طرف ڀر وارا ادوم ۽ موآب جا ماڻهو توڙي بني عمون جا مکيہ ماڻهو سندس هٿان بچي نڪرندا. 42جڏهن هو ٻين ملڪن تي هٿ کڻندو، تڏهن مصر جو ملڪ بہ ڪين بچي سگھندو. 43هو مصر جي سون ۽ چانديءَ جي خزانن، بلڪ سڀني قيمتي شين تي قبضو ڪري وٺندو. لبيا وارا توڙي #11‏:43 سوڊاني عبرانيءَ ۾ ”ڪُوشي“ لکيل آهي، انهن ڏينهن ۾ هنن ماڻهن جو علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو.سوڊاني پڻ سندس تابعدار ٿيندا. 44پر اوڀر ۽ اتر کان ايندڙ اطلاع کيس پريشان ڪري ڇڏيندا. تڏهن هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گھڻن ئي کي نيست وَ نابود ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيندو. 45هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري #11‏:45 مقدس جبل صيئون اهو جبل، جنهن تي يروشلم ۾ مقدس هيڪل ٺهيل هئي.مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“

Currently Selected:

دانيال 11: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in