YouVersion Logo
Search Icon

ڪلسين 4

4
1 # اف 6‏:9 اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي عدل وَ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آسمان تي آهي.
وڌيڪ هدايتون
2دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو. 3انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو جو خدا اسان لاءِ پيغام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان. 4دعا ڪريو تہ آءٌ انهيءَ پيغام کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي.
5 # اف 5‏:16 جن اڃا ايمان نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو. 6اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.
آخر ۾ دعا سلام
7 # رس 20‏:4، 2.تيم 4‏:12 #اف 6‏:21‏-22 تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي. 8هن کي آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ هو اوهان جي دلين کي همتائي. 9#فل 10‏-12 هن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رهيو آهيان. هو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آهي ۽ اوهان مان ئي هڪڙو آهي. اهي ٻيئي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندا.
10 # رس 19‏:29، 27‏:2، فل 24، رس 12‏:12‏،25، 13‏:13، 15‏:37‏-39 ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي سلام چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو. 11يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي سلام چوي ٿو. مسيح تي ايمان رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ پئي ڪئي آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.
12 # ڪل 1‏:7، فل 23 اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ عيسيٰ مسيح جو خادم آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان هر هڪ ڳالهہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رهو. 13آءٌ سندس شاهدي ٿو ڏيان تہ هو اوهان لاءِ توڙي لوديڪيا ۽ هيراپلس شهرن جي ڪليسيائن لاءِ سخت محنت ٿو ڪري. 14#2.تيم 4‏:10‏،11، فل 24 اسان جو پيارو دوست حڪيم لوقا ۽ ديماس اوهان کي سلام ٿا ڏين.
15لوديڪيا شهر جي ڀائرن ڀينرن کي ۽ ڀيڻ نمفاس ۽ جيڪا ڪليسيا سندس گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي تن سڀني کي منهنجا سلام ڏجو. 16جڏهن هي خط اوهين پڙهي پورو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي لوديڪيا جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانهن موڪليو ويو آهي، اهو اوهين بہ پڙهجو. 17#فل 2 ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ”خداوند عيسيٰ جي خدمت وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“
18هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان سلام لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي فضل ٿيندو رهي.

Currently Selected:

ڪلسين 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in