YouVersion Logo
Search Icon

ڪلسين 1

1
1هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. 2هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن.
شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي.
شڪرگذاري ۽ دعا
3اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏهن هميشہ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي. 4شڪرانن جو سبب هي آهي تہ اسان ٻڌو آهي تہ اوهين عيسيٰ مسيح تي ايمان رکو ٿا ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ٿا ڪريو. 5اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي، 6جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ خدا جو فضل ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾. 7#ڪل 4‏:12، فل 23 انهيءَ خوشخبريءَ جي تعليم اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي. مسيح جو هي وفادار خادم اوهان ۾ خدمت پيو ڪري. 8هن جي ڏنل احوال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ پاڪ روح اوهان ۾ ڪيڏي نہ محبت پيدا ڪئي آهي.
9جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ هي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پاڪ روح جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ عطا ڪندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي. 10اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو. 11انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس عظمت واري قدرت سان هر طرح طاقتور ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان 12خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي. 13هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو، 14#اف 1‏:7 جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناهن جي معافي ملي آهي.
مسيح جي عظمت
15خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جي ظاهري صورت مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو. 16سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ خدا سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن. 17اهو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آهي ۽ هن ۾ ئي سڀ شيون ترتيب سان قائم رهن ٿيون. 18#اف 1‏:22‏-23 اهو ئي ڪليسيا جو مٿو آهي جيڪا سندس بدن آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيئرو ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي. 19اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري آهي جو خدا کي اهو وڻيو تہ سندس سڄي ڀرپوري انهيءَ ۾ ئي رهي. 20#اف 2‏:16 خدا جي مرضي اها بہ هئي تہ صليب تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي زمين تي هجن توڙي آسمان ۾.
21ڪنهن وقت اوهين خدا جي حضور کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا. 22پر هاڻي هن مسيح جي جسماني موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري. 23پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.
خوشخبريءَ جو راز
24هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان. 25خدا مون کي ڪليسيا جو خادم مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت خدا جو پيغام اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان. 26انهيءَ پيغام ۾ هڪ راز آهي، جيڪو اڳين زمانن ۾ پيڙهين کان ڳجھو رکيو ويو هو. پر هاڻي اهو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي. 27انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.
28اسين انهيءَ مسيح بابت ئي پيغام ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ تعليم ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي خدا جي حضور ۾ پيش ڪريون. 29انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ خدا جي انهيءَ طاقت موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.

Currently Selected:

ڪلسين 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in