YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 16

16
(تيمٿيس جو پولس ۽ سيلاس سان وڃڻ)
1پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ هو. سندس ماءُ يهودڻ هئي ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پيءُ يوناني هو. 2لسترا ۽ اڪونيم جا ايمان وارا تيمٿيس جي ساراهہ ڪندا هئا. 3پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس طهر ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي خبر هئي تہ تيمٿيس جو پيءُ غير يهودي هو. 4هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي ڪليسيائن کي يروشلم جي رسولن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين زندگي گذارڻي هئي. 5اهڙيءَ طرح اتان جون ڪليسيائون ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي تعداد ۾ وڌنديون ۽ ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ويون.
(مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي رويا)
6جيئن تہ پاڪ روح هنن کي آسيا صوبي ۾ پيغام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا. 7جڏهن موسيا علائقي جي سامهون آيا تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيا صوبي ۾ وڃن، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو. 8تنهنڪري اهي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس شهر ۾ آيا. 9اتي رات جو پولس رويا ڏٺي جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سائين! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“ 10پولس جي رويا ڏسڻ شرط #16‏:10 اسان هن ڪتاب ۾ استعمال ٿيل لفظ ”اسان“ مان مراد گھڻو ڪري اها ورتي وڃي ٿي تہ ”رسولن جا ڪم“ جو مصنف لوقا بہ ان وقت پولس رسول سان گڏ هو.اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ خدا اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون.
(فلپي شهر ۾ لُديا جو ايمان آڻڻ)
11تروآس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي اسين سڌا سمتراڪي ٻيٽ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن نياپُلس بندرگاهہ تي پهتاسون. 12اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين. 13سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي عبادت لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن عورتن سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون. 14انهن عورتن ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ خداپرست عورت بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. خداوند هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي. 15پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.
(فلپيءَ جي جيل ۾)
16هڪڙي ڏينهن جيئن اسين عبادت واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڇوڪري ملي جنهن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي. 17هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا ٻانها آهن، جيڪي اوهان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“ 18ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڇوڪريءَ مان نڪري ويو. 19جڏهن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا. 20اتي اعليٰ عملدارن جي اڳيان مٿن شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”سائين! هي ماڻهو جيڪي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ کڻي گوڙ مچايو آهي 21۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جيڪي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جائز نہ آهي.“ 22عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون. 23گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي. 24اهو حڪم ملڻ تي جيلر انهن کي اندرين ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ وجھي قابو ڪيائين.
25رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري 26اوچتو هڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنهن جيل جون ڀتيون بنيادن تائين لوڏي ڇڏيون. هڪدم سڀ دروازا کُلي پيا ۽ سڀني قيدين جا بند کُلي ڪري پيا. 27تنهن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کُليا پيا آهن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آهن. تنهنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو 28تہ پولس زور سان رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي نہ مار! اسين سڀ هتي موجود آهيون.“ 29تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو. 30پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ عرض ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“ 31تنهن تي هنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنهنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“ 32پوءِ انهن هن کي ۽ سندس گھر ۾ موجود سڀني ماڻهن کي مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو. 33رات جي انهيءَ ئي وقت جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ هڪدم هن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. 34پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. خدا تي ايمان آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.
35ٻئي ڏينهن صبح جو اعليٰ عملدارن پنهنجن سپاهين هٿان جيلر ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو.“ 36سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”اعليٰ عملدارن جو حڪم آهي تہ اوهان کي آزاد ڪيو وڃي. تنهنڪري هاڻي اوهين هليا وڃو، شل سدا سلامت هجو.“ 37پر پولس سپاهين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آهيون، تن کي هنن بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عام خلق جي اڳيان چهبڪ هڻائي جيل ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي هو چپ چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائڻ چاهين ڇا؟ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو. انهن کي چئو تہ اهي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاهر وٺي هلن.“ 38سپاهين وڃي اهو نياپو اعليٰ عملدارن کي پهچايو. هنن جڏهن ٻڌو تہ پولس ۽ سيلاس رومي آهن، تڏهن هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 39تنهنڪري اهي پاڻ کين سمجھائڻ لاءِ آيا ۽ جيل کان ٻاهر وٺي اچي کين عرض ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري اوهين شهر مان هليا وڃو.“ 40سو پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لُديا جي گھر ويا، جتي هو ايمان وارن سان مليا ۽ کين همتايائون. پوءِ هو اتان روانا ٿي ويا.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 16: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in