YouVersion Logo
Search Icon

2.تيمٿيس 1:3-5

2.تيمٿيس 1:3-5 SB

هاڻ هي بہ ڄاڻي ڇڏ تہ هن آخري زماني ۾ زندگي گذارڻ ڏاڍي ڏکي هوندي، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو خودغرض، پئسي جا پوڄاري، ٻٽاڪي، مغرور، ڪفر بڪندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ هوندا. اهي محبت کان خالي، بي‌رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا. اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ خدا جي بدران عيش عشرت جا طلبگار هوندا. اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.