YouVersion Logo
Search Icon

2.ٿسلونيڪين ‮تعارف‬

تعارف
عيسيٰ مسيح جي وري موٽي اچڻ بابت ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ۾ مونجھارو پيدا ٿي پيو. پولس رسول جو ٿِسلُنيڪين ڏانهن هي ٻيو خط سندن انهيءَ غلط‌فهميءَ کي دور ڪرڻ جي باري ۾ آهي تہ ”خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي“ (2‏:2). پولس رسول انهيءَ بابت وضاحت ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ کان اڳ ۾ گناهہ ۽ بڇڙائي هڪڙي بڇڙي جي اڳواڻيءَ ۾ چوٽ چڙهي ويندا. پولس رسول انهيءَ کي ”وڳوڙي“ (2‏:3) سڏيندي ٻڌائي ٿو تہ اهو پاڻ کي خدا کان مٿاهون چوندو.
هن خط ۾ پولس رسول اتي جي ايمان وارن تي هنن ڳالهين لاءِ زور ٿو ڀري تہ هو پنهنجي عقيدي ۾ مضبوط رهن، توڙي جو انهن کي ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون. ان کان علاوہ پولس رسول کين تاڪيد ٿو ڪري تہ اهي سندن نقشِ‌قدم تي هلندي محنت ۽ سخت پورهيو ڪن تہ جيئن ٻين تي بار نہ ٿين (3‏:9). انهيءَ سان گڏوگڏ هو کين هدايت ٿو ڪري تہ اهي چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجن (3‏:13).
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-2
ٿِسلُنيڪي ڪليسيا جي ساراهہ 1‏:3‏-12
مسيح جي اچڻ جي باري ۾ تعليم 2‏:1‏-17
ايمان وارن جي هلت چلت بابت هدايتون 3‏:1‏-15
آخر ۾ دعا سلام 3‏:16‏-18

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in