1
1هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، #1:1 جن کي... حاصل ٿيو آهي. هن جملي جو هي ترجمو بہ ممڪن آهي، ”جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.“جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.
2شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ کي ڄاڻڻ جي وسيلي اوهان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رهي.
خدا جي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ
3 # 1:3 خداوند عيسيٰ اصلي متن ۾ هتي اسم جي بدران ضمير، يعني ”هن“ لفظ استعمال ٿيل آهي، جنهن ڪري ڪن ترجمن ۾ عيسيٰ مسيح لکيل آهي ۽ ڪن ۾ خدا. خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. 4انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي واعدا پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي دنيا جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس الاهي ذات ۾ شامل ٿي وڃو. 5سو انهن ڳالهين کي اڳيان رکندي اوهين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنهنجي ايمان سان نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان ڄاڻ ۾، 6پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان صبر ۾ ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو. 7اوهين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو. 8جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بيڦل ٿيڻ نہ ڏينديون. 9پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن گناهن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.
10تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا، 11بلڪ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاهيءَ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.
12انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون هميشہ ياد ڏياريندو رهندس، جيتوڻيڪ اوهين انهن کان واقف آهيو ۽ انهيءَ سچ تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو، جيڪو اوهان کي مليل آهي. 13آءٌ اها ڳالهہ واجب ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آهيان تيستائين اوهان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي هوشيار ڪندو رهان. 14آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي. 15تنهنڪري آءٌ دل وَ جان سان ڪوشش ڪندو رهندس تہ منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگھو.
مسيح جي شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد
16اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين. 17#مت 17:1-5، مر 9:2-7، لو 9:28-35 هائو، جڏهن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏهن انهيءَ خداءِذوالجلال وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“ 18ان وقت اسين بہ خداوند عيسيٰ سان گڏ پاڪ جبل تي موجود هئاسون ۽ اسان پاڻ اهو آواز آسمان مان ايندي ٻڌو.
19انهيءَ واقعي جي ڪري نبين جي معرفت مليل پاڪ ڪلام تي اسان جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي. 20پاڪ ڪلام تي ڌيان ڏيندي پهريائين هي ڄاڻي ڇڏيو تہ پاڪ ڪلام ۾ نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪنهن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي. 21هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.