2.پطرس 3:1-4
2.پطرس 3:1-4 SB
خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي واعدا پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي دنيا جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس الاهي ذات ۾ شامل ٿي وڃو.







