YouVersion Logo
Search Icon

1.ٿسلونيڪين 3

3
1 # رس 17‏:15 تنهنڪري جڏهن اسين اوهان کان جدا رهڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏهن اسان بهتر سمجھيو تہ اٿينس شهر ۾ ڀلي اڪيلا رهجي وڃون، 2پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ خدا جو خادم آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي، 3تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين ايمان وارا ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون. 4ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان ايمان وارن کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو. 5اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي ايمان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.
تيمٿيس جو تسلي بخش احوال
6 # رس 18‏:5 پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي. 7تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنهنجي تنگيءَ ۽ مصيبتن ۾ بہ اوهان جي ايمان جي ڪري اوهان بابت تسلي ٿي، 8ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ تي اوهان جي ايمان قائم رهڻ سان ئي اسان جي بدن ۾ ساهہ آهي. 9اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي خدا جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪريون! 10اسين رات ڏينهن دل وَ جان سان دعا گھرندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.
11شل اسان جو خدا پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون. 12جيئن اسان کي اوهان سان بيحد محبت آهي، تيئن خداوند عيسيٰ شل اوهان جي محبت بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻي وڌائيندو رهي. 13ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

Currently Selected:

1.ٿسلونيڪين 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in