YouVersion Logo
Search Icon

1.ٿسلونيڪين 1

1
1 # رس 17‏:1 هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي.
شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي.
ٿِسلُنيڪين جو ايمان ۽ مثالي زندگي
2اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا ادا ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون. 3هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.
4اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي خدا جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين خدا جا شڪرانا ادا ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي. 5انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙي زندگي گذاريسين. 6#رس 17‏:5‏-9 اوهين اسان جي ۽ خداوند عيسيٰ جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو پيغام قبول ڪيو. 7ايتري قدر جو اوهين #1‏:7 مڪدُنيا ۽ اخيا صوبنهي رومي شهنشاهت جا صوبا اڄوڪي يونان ملڪ ۽ ان جي ڀر وارن علائقن تي مشتمل هئا. مڪدُنيا ۽ اخيا صوبن جي سڀني ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيا. 8اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري خداوند عيسيٰ بابت پيغام ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو خدا تي ايمان هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي. 9ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوڄا کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين زندہ ۽ سچي خدا جي عبادت ڪريو 10۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.

Currently Selected:

1.ٿسلونيڪين 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in