YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 16

16
يروشلم جي ڪليسيا لاءِ چندو
1 # رو 15‏:25‏-28، 2.ڪر 8‏:1‏-4 باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي ڪليسيائن کي ڪئي هئي تہ 2هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي. 3پوءِ جڏهن آءٌ پهچان تڏهن جن ماڻهن کي اوهين اعتماد جوڳو سمجھي مقرر ڪندا تن کي ڪي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن هو اوهان جو اهو نذرانو يروشلم ڏانهن کڻي وڃن. 4پر جيڪڏهن مناسب هوندو تہ آءٌ بہ ويندس ۽ اهي مون سان گڏجي هلندا.
پولس جا پنهنجي سفر بابت منصوبا
5 # رس 19‏:21 جيئن تہ منهنجو مڪدُنيا صوبي ڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوهان وٽ ايندس. 6شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو. 7آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هن وقت رستي ويندي اوهان سان ٿوري وقت لاءِ ملاقات ڪريان، بلڪ اوهان سان ڪافي وقت گذارڻ جي اميد اٿم، جيڪڏهن خداوند چاهيو تہ. 8#لاو 23‏:15‏-21، شر 16‏:9‏-11 #رس 19‏:8‏-10 في‌الحال پنتيڪُست جي عيد تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس، 9ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.
10 # 1.ڪر 4‏:17 جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ خداوند جي خدمت جو ڪم پيو ڪري. 11تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.
12هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.
آخر ۾ هدايتون ۽ دعا سلام
13سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو 14۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو محبت سان ڪريو.
15 # 1.ڪر 1‏:16 اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ 16اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي خدمت وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.
17آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، ڇو تہ هنن منهنجي اها سڪ پوري ڪري ڇڏي جيڪا اوهان سان نہ ملڻ جي ڪري منهنجي دل ۾ هئي. 18ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو.
19 # رس 18‏:2 آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين. 20سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.
21هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا سلام هجن.
22جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي.
اي اسان جا خداوند! اچ.
23شل اوهان تي خداوند عيسيٰ جو فضل ٿيندو رهي. 24اوهين جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 16: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in