YouVersion Logo
Search Icon

رومين 5

5
ايشور سان ميل ميلاپ
1جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي. 2اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين. 3نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ فخر ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ مصيبت مان ثابت قدمي پيدا ٿئي ٿي. 4ثابت قدميءَ مان ايشور جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي. 5اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا پوِتر آتما اسان کي بخشي ويئي آهي، تنهن جي وسيلي ايشور جو اسان سان پريم اسان جي دلين ۾ ڀريو ويو آهي.
6اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي ايشور کان پري هئاسين. 7ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي. 8پر ايشور اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا پاپي ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني. 9هاڻ جڏهن هن جي ٻليدان جي وسيلي اسين ايشور ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي ايشور جي ڏمر کان بچي وينداسين. 10اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين. 11نہ رڳو ايترو پر پنهنجي پرڀو يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين ايشور تي فخر بہ ڪريون ٿا.
آدم وسيلي موت، مسيح وسيلي جيون
12 # پيد 3‏:6 هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي سنسار ۾ پاپ آيو، پاپ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني پاپ ڪيو. 13سو موسيٰ جي نيم ملڻ کان اڳ سنسار ۾ پاپ هو، پر جتي نيم نہ آهي اتي پاپن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي. 14ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي.
انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو. 15پر ڪرپا واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ ايشور جي ڪرپا ڪيڏي نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي. 16ان کان علاوہ ڪرپا واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي پاپ ڪرڻ تي پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، جڏهن تہ پاپن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش بخشي. 17اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا.
18جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي ايشور ڏانهن سچار بڻجي جيون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. 19هائو، جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻهو پاپي ٿيا، تيئن هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويندا.
20مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي. 21تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي.

Currently Selected:

رومين 5: HSB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in