YouVersion Logo
Search Icon

رومين 10

10
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي مڪتي ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جي در پرارٿنا ٿو ڪريان. 2هنن بابت آءٌ اها شاهدي ٿو ڏيان تہ ايشور جي لاءِ کين جذبو تہ آهي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن 3تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن. 4جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.
(مڪتي سڀني جي لاءِ آهي)
5 # لاو 18‏:5 نيم تي عمل ڪرڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيوت رهندو.“ 6#نيم 30‏:12‏-14 جڏهن تہ جيڪو وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آڪاش تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي. 7يا ”ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير پاتال ۾ لهي ويندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي مئلن مان جيوت ٿي چڪو آهي. 8بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا. 9سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”يسوع ئي پرڀو آهي“ ۽ دل سان وشواس آڻيو تہ ”ايشور کيس مئلن مان جيوت ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي مڪتي ملندي. 10ڏسو، دل سان وشواس آڻڻ ڪري ئي اسين ايشور ڏانهن سچار بڻجون ٿا ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ئي اسان کي مڪتي ملي ٿي. 11#يس 28‏:16 اهو سنديش سڀني لاءِ آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ 12مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو پرڀو آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو، 13#يوا 2‏:32 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ پرڀوءَ جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي مڪتي ملندي.“
14پر جنهن تي هنن وشواس ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن وشواس آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟ 15#يس 52‏:7 جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي سنديش جو پرچار ڪيئن ڪندا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“ 16#يس 53‏:1 پر بني اسرائيل مان سمورن اها خوشخبري قبول نہ ڪئي آهي، جيئن يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس آندو؟“ 17سو وشواس سنديش ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو سنديش آهي مسيح بابت پرچار.
18 # زب 19‏:4 پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن سنديش نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ
”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو،
هائو، انهن جو سنديش ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“
19 # نيم 32‏:21 آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو سنديش سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت ايشور اڳي ئي فرمايو آهي تہ
”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس،
جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن.
آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس،
جيڪا بي‌سمجھہ آهي.“
20 # يس 65‏:1 وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان ايشور جو هي فرمان ٻڌايو تہ
”جن مون کي نہ ڳوليو،
تن کي آءٌ ملي ويس.
جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا،
تن کي مون درشن ڏنو.“
21 # يس 65‏:2 پر بني اسرائيل بابت ايشور فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“

Currently Selected:

رومين 10: HSB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in