15
ختني بابت يروشلم ۾ گڏجاڻي
1 #
لاو 12:3
ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“ 2پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ منڊليءَ جي اڳواڻن کان پڇن.
3تنهن تي انطاڪيا جي منڊليءَ وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي وشواسين کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ منڊليءَ وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود سنتن سميت سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو ايشور هنن جي وسيلي ڪيو هو. 5پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“
6تڏهن سنت ۽ منڊليءَ جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا. 7#سن 10:1-43 گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي سڌ آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ ايشور مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو سنديش ٻڌي وشواس آڻين. 8#سن 2:4، 10:44 ايشور جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ سان سندن وشواس آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي. 9هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي. 10تہ پوءِ اوهين ايشور کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي وشواس آڻيندڙن تي نيم جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟ 11جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر پرڀو يسوع جي ڪرپا سان مٿس وشواس آڻڻ تي ئي مڪتي ملي ٿي.“
12پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ ايشور انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ چمتڪار ڪيا. 13جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن #15:13 يعقوب هي انهيءَ وقت يروشلم واري منڊليءَ جو هڪ اڳواڻ هو، جيڪو گھڻو ڪري پرڀو يسوع جو ڀاءُ هو.يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو. 14شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن ايشور غير قومن تي پنهنجي ڪرپا جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي. 15ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جي پوِتر لکت بہ انهيءَ سان ٺهڪي ٿي اچي، جنهن ۾ پرميشور فرمايو آهي تہ
16 #
عا 9:11-12
’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي
دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس.
هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس،
17انهيءَ لاءِ تہ آدم جو باقي اولاد
يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن،
سي مون پرميشور جون ڳولائو ٿين.
18هي آءٌ پرميشور چوان ٿو،
جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“
19يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي راءِ آهي تہ غير قومن مان جيڪي سچي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون. 20#خر 34:15-17، لاو 17:10-16، 18:6-23 پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين. 21انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“
مسيح تي وشواس رکندڙ غير قومن ڏانهن خط
22پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو. 23انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ
”غير قومن مان جيڪي مسيح تي وشواس رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني سنتن ۽ اڳواڻن جا نمسڪار هجن. 24اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون. 25تنهنڪري اسان پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿي اهو مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻهو چونڊي پنهنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون. 26اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي. 27انهن سان گڏ اسين يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليون ٿا جيڪي هي لکيل ڳالهيون اوهان کي زباني بہ بيان ڪندا. 28پوِتر آتما ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون 29تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي.
شل سدائين سک وَ شانتيءَ سان رهو.“
30پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي وشواسين کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون. 31جڏهن هنن اهو خط پڙهيو تہ انهن همتائيندڙ ڳالهين تي هو خوش ٿيا. 32يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو. 33-34هنن ڪجھہ ڏينهن اتي گذاريا. پوءِ وشواسين سک وَ شانتيءَ جي آسيس ڏيندي کين انهن ڏانهن روانو ڪيو، جن کين موڪليو هو.#15:33-34 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: پر سيلاس اتي ئي رهڻ مناسب سمجھيو.
35جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت پرميشور جي سنديش جي سکيا ڏيندا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا.
پولس جو ٻيو پرچاري سفر
15:36–18:22
(برنباس ۽ پولس ۾ جدائي)
36ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“ 37برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون. 38#سن 13:13 پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ پرچار جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو. 39انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو، 40جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ وشواسين کين ايشور جي ڪرپا جي حوالي ڪري روانو ڪيو. 41پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي منڊلين کي وشواس ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.