راڳ 3
3
1جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجي هنڌ تي ڳوليو: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.
2مون چيو تہ هاڻي آءٌ اُٿنديس، ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس، تہ جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسُولن تي ڳوليان: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.
3پهري وارا، جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن، تن مون کي ڏٺو: انهن کي مون چيو تہ اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟
4اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.
5اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پيار کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.
6اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟
7ڏس اها سليمان جي پالڪي آهي؛ انهيءَ جي چوڌاري سٺ اسرائيل جا زور ڀريا ماڻهو آهن.
8اُهي سڀ ترار مار ۽ جنگ ۾ هوشيار آهن: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي رات جي خوف کان سندس ترار سندن ران تي ٻڌل آهي.
9بادشاهہ سليمان پنهنجي لاءِ لبنان جي ڪاٺ جي پالڪي جوڙائي،
10هن انهيءَ جا ٿنڀ چانديءَ جا جوڙايا، ۽ انهيءَ جو ترو سون جو، انهيءَ جي ويهڻ جي جاءِ واڱڻائي رنگ جي هئي، ۽ انهيءَ جي وچ جي فرشبندي يروشلم جي ڌيئرن جي محبت سان ڪئي ويئي.
11اي صيون جون ڌيئون، اوهين ٻاهر وڃي بادشاهہ سليمان ڏسو، جنهن کي اُهو ڇٽ پيو آهي جو سندس مڱڻيءَ جي ڏينهن، ۽ سندس دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، ماڻس ڍڪايو هو.
Currently Selected:
راڳ 3: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: