روٿ 4
4
1هاڻي بوعز دروازي ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ويهي رهيو: ۽ ڏسو جنهن ويجهي مائٽ جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اُتي اچي نڪتو؛ ۽ هن اُن کي چيو تہ اي فلاڻا هيڏانهن اچ ۽ اچي هتي ويهہ. ۽ هو آيو ۽ اچي ويٺو. 2۽ هن شهر جي بزرگن مان ڏهہ ڄڻا ڪوٺيا ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهي رهو، ۽ هو ويهي رهيا. 3تڏهن هن انهيءَ ويجهي مائٽ کي چيو تہ نعومي، جا موآب جي ملڪ مان موٽي آئي آهي، سا زمين جو اُهو حصو وڪڻي ٿي، جو اسان جي ڀاءُ اليملڪ جو هو: 4۽ مون خيال ڪيو تہ اُها ڳالهہ توکي ظاهر ڪري ٻڌايان، ۽ چوان تہ هي جيڪي ويٺا آهن تن جي روبرو، ۽ منهنجي قوم جي بزرگن جي روبرو اُها خريد ڪر. جيڪڏهن تون اُها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گهرين تہ ڇڏاءِ: پر جي اُها ڇڏائڻ نہ گهرين تہ مون کي ٻڌاءِ تہ مون کي معلوم ٿئي: ڇالاءِ جو توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ انهي جي وري خريد ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ آءٌ توکان پوءِ آهيان. ۽ هن چيو تہ آءٌ اُها وٺندس. 5تڏهن بوعز چيو تہ جنهن ڏينهن تون اُها ٻني نعوميءَ جي هٿان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن توکي اُها روٿ موآبڻ کان بہ خريد ڪرڻ کپي، جا هن فوتيءَ جي زال آهي. انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم ڪرين. 6۽ انهيءَ ويجهي مائٽ چيو تہ آءٌ اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪري نٿو سگهان، تہ متان آءٌ پنهنجي ميراث کي خراب ڪري ڇڏيان، منهنجو خريد ڪرڻ جو حق تون پاڻ وٺ؛ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو خريد ڪري سگهان. 7هاڻي اڳين زماني ۾ اسرائيل ۾ ڪنهن شيءِ جي وري خريد ڪرڻ ۽ مٽاسٽا ڪرڻ جي نسبت، ۽ سڀني ڳالهين جي بحال رکڻ لاءِ اها رسم هوندي هئي؛ تہ اُهو ماڻهو پنهنجي جتي لاهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندو هو: ۽ اسرائيل ۾ تصديق ڪرڻ جو اهو دستور هوندو هو. 8تڏهن هن ويجهي مائٽ بوعز کي چيو تہ تون اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ۽ هن پنهنجي جتي لاٿي. 9۽ بوعز انهن بزرگن کي ۽ سڀني ماڻهن کي چيو تہ اليملڪ جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، ۽ جيڪا بہ ڪيلون ۽ محلون جي هئي سا سڀ نعوميءَ جي هٿان مون خريد ڪئي آهي، ۽ ان جا اوهين اڄ شاهد آهيو. 10تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو. 11۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛ 12ڀلي تہ تنهنجو گهر فارص جي گهر جهڙو ٿئي، جو تمر يهوداہ کي ڄڻي ڏنو، ۽ انهيءَ جهڙو نسل ٿئي جو خداوند توکي هن جوان زال مان ڏئي. 13انهيءَ طرح بوعز روٿ ورتي ۽ اُها سندس زال ٿي؛ ۽ هن ساڻس صحبت ڪئي، ۽ خداوند انهيءَ کي پيٽ سان ڪيو، ۽ انهيءَ پٽ ڄڻيو. 14۽ زالن نعوميءَ کي چيو تہ خداوند برڪت وارو آهي، جنهن اڄ توکي ويجهي مائٽ بنا ڇڏي نہ ڏنو، تنهنڪري ڀلي تہ انهيءَ جو نالو اسرائيل ۾ مشهور ٿئي. 15۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي. 16۽ نعوميءَ ٻار کڻي پنهنجي گود ۾ رکيو ۽ انهيءَ کي پالڻ لڳي. 17۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.
18هاڻي فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون؛ 19۽ حصرون مان رام، ۽ رام مان عمينداب؛ 20۽ عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو، ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو. 21۽ سلمون مان بوعز پيدا ٿيو، ۽ بوعز مان عوبيد پيدا ٿيو؛ 22۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو، ۽ يسيءَ مان دائود پيدا ٿيو.
Currently Selected:
روٿ 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: