YouVersion Logo
Search Icon

رومين 8

8
1تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي. 2ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي. 3هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني: 4انهي لاءِ تہ اسين جي جسم موجب نہ پر روح موجب هلون ٿا، سي شريعت جو حق پورو ڪريون. 5ڇالاءِ تہ جيڪي جسماني آهن، سي جسماني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن؛ پر جي روحاني آهن، سي روحاني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن. 6هن ڪري جو جسماني نيت موت آهي، پر روحاني نيت زندگي ۽ سلامتي آهي. 7ڇالاءِ تہ جسماني نيت خدا سان دشمني آهي؛ جو اُها نڪي خدا جي شريعت جي تابع آهي نڪي ٿي سگهي ٿي: 8۽ جيڪي جسماني آهن سي خدا کي خوش ڪري نٿا سگهن. 9مگر اوهين جسماني نہ، پر روحاني آهيو، بشرطيڪ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو ناهي. 10۽ جي مسيح اوهان ۾ آهي، تہ بدن گناهہ جي ڪري مُئل آهي، پر روح راستبازيءَ جي ڪري جيئرو آهي. 11جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.
12تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين قرضدار تہ آهيون، پر جسم جا نہ، جو جسم موجب حياتي گذاريون: 13ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين جسم موجب حياتي گذاريندا تہ ضرور مرندا؛ پر جي روح سان بدن جي ڪمن کي فنا ڪندا، تہ جيئرا رهندا. 14هن ڪري جو جيڪي خدا جي روح جي موجب هلن ٿا، سي خدا جا ٻار آهن. 15ڇالاءِ جو اوهان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو، جو اوهان کي وري ڊپ ٿئي؛ پر اوهان کي اُهو روح مليو آهي جنهن ڪري گود جا پٽ چوايو. سو جڏهن اسين ابا يعني اي پيءُ، ڪري ٿا سڏيون، 16تڏهن اُهو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڀري، تہ اسين خدا جا ٻار آهيون: 17۽ جي ٻار آهيون، تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث، ۽ مسيح سان ورثي ۾ هم شريڪ آهيون؛ بشرطيڪ هن سان گڏ ڏک سهون، تہ انهي سان گڏ جلال بہ حاصل ڪريون.
18ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي. 19تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي، 20ڇالاءِ جو مخلوقات فاني حالت جي تابع ڪئي ويئي، نہ پنهنجي مرضيءَ سان، پر انهي جي ڪري جنهن کيس انهيءَ اُميد تي تابع ڪيو؛ 21ڇالاءِ جو مخلوقات بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇُٽي، خدا جي فرزندن جي جلال جي آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي. 22اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي، 23۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون. 24ڇالاءِ تہ انهيءَ اُميد جي لاءِ اسان کي نجات ملي. پر جنهن شيءِ جي اُميد اٿئون سا جي ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اُميد ڇا جي؟ ڇو جو اهڙو ڪير آهي، جو ڪا شيءِ ڏسي، پوءِ بہ انهي لاءِ اُميد رکي؟ 25پر جي اسين انهي شيءِ جي اُميد رکون ٿا جا نٿا ڏسون، تہ پوءِ صبر سان اسين انهيءَ جي لاءِ منتظر ٿا رهون.
26۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري. 27۽ جيڪو دلين جي پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ روح جي نيت ڪهڙي آهي، ڇالاءِ جو هو خدا جي مرضيءَ موجب پاڪ ٿيلن جي شفاعت ٿو ڪري. 28۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن. 29ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي. 30۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين.
31تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟ 32جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟ 33ڪير خدا جي چونڊيلن تي ڪنهن بہ ڳالهہ جو الزام آڻيندو؟ خدا اُهو آهي جو کين راستباز ٿو ٺهرائي؛ 34ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟ 35ڪير اسان کي مسيح جي پيار کان ڌار ڪندو؟ مصيبت، يا تنگي، يا ظلم، يا ڏڪار، يا اوگهڙ، يا خطرو، يا ترار؟ 36جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“ 37بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون. 38ڇالاءِ جو مون کي يقين آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ حڪومتون، نہ حال جون نہ استقبال جون شيون، نہ طاقتون 39نہ اوچائي، نہ اونهائي، نہ مخلوق جي ٻي ڪا شيءِ اسان کي خدا جي انهي پيار کان ڌار ڪري سگهندي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي.

Currently Selected:

رومين 8: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in