رومين 5
5
1تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون. 2جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون. 3نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون: جو اسان کي خبر آهي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿو ٿئي؛ 4۽ صبر مان پختائي؛ ۽ پختائيءَ مان اُميد: 5۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي. 6ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو. 7ڪنهن راستباز ماڻهوءَ جي لاءِ ڪو مشڪل جان ڏيندو، پر شايد ڪنهن نيڪ انسان جي لاءِ ڪو ماڻهو همت ڪري پنهنجي جان ڏئي، 8پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو. 9سو هاڻي اسين جي سندس رت جي سببان راستباز ٺهرايا ويا آهيون، تنهن لاءِ خاطري اٿئون تہ انهي جي ئي وسيلي خدا جي غضب کان بچي پونداسين. 10ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اسين دشمن هئاسين تڏهن بہ سندس فرزند جي موت جي وسيلي خدا سان اسان جو ميل ميلاپ ٿيو، تڏهن هاڻي خاطري اٿئون تہ ميل ميلاپ ٿيڻ کان پوءِ، اُنهي جي حياتيءَ جي وسيلي ضرور بچي پونداسين؛ 11۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.
12تنهنڪري جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪري گناهہ دنيا ۾ آيو، ۽ گناهہ جي سبب موت آيو، ۽ موت سڀني ماڻهن ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ جو سڀني گناهہ ڪيو. 13ڇو جو شريعت ملي، تنهن کان اڳي گناهہ دنيا ۾ هو، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي گناهہ بہ ليکجڻ ۾ نٿو اچي. 14انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.
15پر جيڪو گناهہ جو حال آهي، سو فضل جي بخشش جو نہ آهي. ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي شخص جي ڏوهہ جي ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا، تہ هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي ڪري، گهڻن ئي ماڻهن کي خدا جو فضل ۽ بخشش زيادہ انداز ۾ ملي. 16۽ بخشش جو حال اهڙو نہ آهي جهڙو انهيءَ هڪڙي شخص جي گناهہ ڪرڻ ڪري ٿيو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي ڏوهہ ڪري فتويٰ جاري ٿي، جنهن موجب سزا جو حڪم مليو، پر گهڻن ڏوهن ڪري فضل جي بخشش جاري ٿي، جنهن موجب ماڻهو راستباز ٺهرايا ويا. 17ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا. 18انهي ڪري جيئن هڪڙي ڏوهہ جي سبب اها فتويٰ ملي، جنهن ڪري سڀني ماڻهن تي سزا جو حڪم جاري ٿيو؛ تيئن راستبازيءَ جي هڪڙي ڪم سبب فضل جي بخشش ملي، تہ سڀيئي ماڻهو راستباز ٺهرايا وڃن ۽ زندگي حاصل ڪن. 19ڇالاءِ تہ جيئن هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ ڪري گهڻا گنهگار ٺهرايا ويا، تيئن ئي هڪڙي شخص جي فرمانبرداريءَ ڪري گهڻا راستباز ٺهرايا ويندا. 20شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو: 21انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.
Currently Selected:
رومين 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: