رومين 16
16
1آئون اوهان کي فيبيءَ جي سفارش ٿو ڪريان، جا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريہ جي خادمہ آهي، 2تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ.
3پرسڪا ۽ اِڪولہ، جي مسيح يسوع ۾ مون سان گڏ خدمتگار آهن، تن کي سلام ڏجو، 4جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ. 5۽ جيڪا ڪليسيا اُنهن جي گهر ۾ آهي، انهي کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري اپينتس کي سلام ڏجو، جو مسيح جي لاءِ آسيہ جو پهريون ڦل آهي. 6مريم کي سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گهڻي محنت ڪئي. 7منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن. 8امپلياطس کي سلام ڏجو، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو آهي. 9اُربانس، جو مسيح ۾ مون سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهي، تنهن کي ۽ منهنجي پياري استخس کي سلام ڏجو. 10اپليس، جو مسيح جو مقبول آهي، تنهن کي سلام ڏجو. ۽ جيڪي ارستبولس جي گهر جا ڀاتي آهن، تن کي سلام ڏجو. 11منهنجي مائٽ هيروديون کي سلام ڏجو. نرڪسس جي گهر وارا، جي خداوند ۾ آهن، تن کي سلام ڏجو. 12تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو. 13روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو. 14اسنڪرتس ۽ فلگون ۽ هروميس ۽ پترباس ۽ هرماس ۽ ٻيا جيڪي ڀائر ساڻن آهن تن کي سلام ڏجو. 15فِللگس ۽ يوليہ ۽ نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، ۽ المپاس ۽ اُنهن سڀني پاڪ ٿيلن کي، جي ساڻن آهن، تن کي سلام ڏجو. 16هڪ ٻئي کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوهان کي سلام ٿيون ڏين.
17هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو. 18ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين. 19هن ڪري جو اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان: پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين چڱين ڳالهين ۾ ڏاها، ۽ خراب ڳالهين ۾ ڀورڙا ٿي رهو؛ 20پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.
21منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين. 22آئون ترتيس، هن خط جو لکندڙ، خداوند ۾ اوهان کي سلام ٿو ڏيان. 23منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين. 24(اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي. آمين.)
25هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين، 26تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛ 27۽ انهي واحد ۽ داناءُ خدا جو جلال يسوع مسيح جي معرفت هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.
Currently Selected:
رومين 16: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: