رومين 25:16-27
رومين 25:16-27 SB62
هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين، تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛ ۽ انهي واحد ۽ داناءُ خدا جو جلال يسوع مسيح جي معرفت هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.





