رومين 12
12
1تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي. 2۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
3ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي. 4ڇالاءِ جو جيئن اسان جي هڪڙي بدن ۾ گهڻيئي عضوا آهن، ۽ سڀني عضون جو هڪڙو ئي ساڳيو ڪم ڪونهي: 5تيئن اسين بہ، جي گهڻا آهيون، سي مسيح ۾ هڪڙو ئي بدن آهيون، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون. 6۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛ 7يا جي خدمت ملي هجي تہ پنهنجي خدمت ۾ پاڻ کي مشغول رکون؛ يا جيڪو تعليم ڏيڻ وارو هجي سو تعليم ڏيڻ ۾ لڳو رهي؛ 8يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري. 9پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گهرجي. بديءَ کان نفرت ڪريو، ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛ 11محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛ 12اُميد ۾ خوش رهو؛ مصيبت ۾ تحمل ڪريو، دعا گهرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو؛ 13پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو. 14جي اوهان کي ستائين، تن لاءِ برڪت گهُرو؛ برڪت گهُرو پر لعنت نہ ڪريو. 15جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو. 16پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو. 17بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو. 18جي ٿي سگهي تہ وس پڄندي سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ ۾ رهو. 19اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ 20پر جي تنهنجو دشمن بکيو هجي تہ انهي کي ماني کاراءِ؛ جي هو اُڃيو هجي تہ پاڻي پيارينس، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون اُنهي جي مٿي تي ٽانڊن جو ڍير ڪندين. 21بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو.
Currently Selected:
رومين 12: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: