رومين 26:1-28
رومين 26:1-28 SB62
انهي سبب ڪري خدا هنن کي گندين خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي زالن پنهنجو طبعي ڪم مٽائي اُهو ڪيو جو طبع جي برخلاف آهي. ۽ ساڳيءَ طرح مردن زالن سان طبعي ڪم ڇڏي، هڪ ٻئي جي شهوت ۾ مست ٿي ويا، ۽ مردن، مردن سان ڪارو منهن ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجي گمراهيءَ جوڳو بدلو پاتو. ۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛





