مڪاشفو 20:9-21
مڪاشفو 20:9-21 SB62
۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن: نڪي پنهنجيءَ جادوگريءَ، ۽ زناڪاريءَ، ۽ خون، ۽ چورين کان توبهہ ڪيائون.





