YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 7

7
1انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي. 2۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، 3جيسين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن کي سندن پيشانين تي مهر نہ هڻون، تيسين اوهين نہ زمين کي، نہ سمنڊ کي، نڪي وڻن کي نقصان رسايو. 4۽ جن تي مهر هنئي ويئي تن جو تعداد مون ٻُڌو تہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزارن تي مهر لڳي. 5يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي: روبين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: گاد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي. 6آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: 7شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: ليويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: اشڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: 8زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: بنيمين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي.
9انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛ 10۽ اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ اسان جو خدا جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن وٽان ۽ گهيٽي وٽان نجات آهي. 11۽ سڀيئي ملائڪ انهي تخت، ۽ بزرگن، ۽ چئن جاندارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان جهُڪي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا، 12۽ چوڻ لڳا تہ آمين: تمجيد، ۽ جلال، ۽ حڪمت، ۽ شڪرگذاري، ۽ عزت، ۽ قدرت، ۽ طاقت هميشہ تائين اسان جي خدا کي هجي. آمين.
13۽ انهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو، تہ هي جي اڇا ڪپڙا پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن، ۽ ڪٿان آيا آهن؟ 14۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن. 15تنهنڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن؛ ۽ رات ڏينهن سندس پاڪ جاءِ ۾ عبادت پيا ڪن: ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو. 16هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي: 17ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.

Currently Selected:

مڪاشفو 7: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in