YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 14

14
1۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ اهو گهيٽو صيون جبل تي بيٺو آهي، ۽ ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي سندس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل هو. 2۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو ۽ وڏيءَ گجگوڙ جي آواز جهڙو هو؛ ۽ اُهو آواز تنبورن وارن جو هو جن ڄڻ تنبورا پئي وڄايا. 3۽ اُنهن تخت جي اڳيان، ۽ چئن جاندارن ۽ بزرگن جي اڳيان، هڪڙو نئون راڳ پئي ڳايو. ۽ اُهي هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزار ماڻهو، جي دنيا مان خريد ڪيا ويا هئا، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو اُهو راڳ سکي نہ سگهيو. 4هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين. 5۽ سندن وات مان ڪوڙ نہ نڪتو، ۽ هو بي عيب هئا.
6۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي. 7۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.
8۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.
9۽ انهي جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو، جنهن وڏي آواز سان چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ڪندو ۽ پنهنجي پيشانيءَ تي يا پنهنجي هٿ تي ڇاپ هڻائيندو؛ 10تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو. 11۽ اُنهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ٿا ڪن، ۽ جيڪي سندس نالي جي ڇاپ ٿا هڻائين، تن کي رات ڏينهن آرام ڪونہ ملندو. 12اهو آهي اُنهن پاڪ ٿيلن جو صبر، جي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن، ۽ يسوع تي ايمان ٿا رکن.
13۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.
14۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو بادل آهي؛ ۽ انهي بادل تي ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي مٿي تي سونو تاج آهي، ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو اٿس. 15۽ ٻيو ملائڪ هيڪل مان نڪري آيو، ۽ جيڪو شخص بادل تي ويٺو هو، تنهن کي هو وڏي آواز سان پڪاري چوڻ لڳو تہ پنهنجو ڏاٽو هلاءِ ۽ لُڻ؛ ڇالاءِ جو لاباري جو وقت آيو آهي؛ جو زمين جو فصل پچي راس ٿيو آهي. 16۽ جيڪو بادل تي ويٺو هو، تنهن پنهنجو ڏاٽو زمين تي کڻي اُڇلايو، ۽ زمين لُڻجي ويئي.
17۽ آسماني هيڪل مان ٻيو ملائڪ نڪري آيو، جنهن وٽ بہ هڪڙو تکو ڏاٽو هو. 18۽ قربانگاهہ مان هڪڙو ٻيو ملائڪ نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو، ۽ هن تکي ڏاٽي واري کي وڏي آواز سان سڏي چيو، تہ پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر؛ ڇالاءِ جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آهي. 19۽ انهي ملائڪ پنهنجو ڏاٽو زمين تي اُڇلايو ۽ زمين جي ڊاک گڏ ڪري خدا جي غضب جي وڏي چيچڙي ۾ وڌائين. 20۽ شهر جي ٻاهران انهي چيچڙي ۾ ڊاک پيڙي ويئي، ۽ چيچڙي مان ايترو تہ رت نڪتو جو گهوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ سؤ ڪوهن تائين وهي هليو.

Currently Selected:

مڪاشفو 14: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in