فلپين 2
2
1تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي، 2تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛ 3نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛ 4اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري. 5اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛ 6جيتوڻيڪ هو خدا جي صورت ۾ هو، تہ بہ خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي ڇڏڻ جو ڊپ نہ ڪيائين، 7پر پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ خادم جي صورت اختيار ڪري اچي انسان ٿيو؛ 8۽ انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پاڻ کي پست ڪيائين، ۽ اهڙو فرمانبردار رهيو جو موت بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين. 9انهي ڪري خدا بہ هن کي گهڻو سر بلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو ڏنائين جو سڀني نالن کان اعليٰ آهي؛ 10انهي لاءِ تہ جيڪي آسمان ۾ آهن، يا جيڪي زمين تي آهن يا جيڪي زمين جي هيٺ آهن سي سڀيئي يسوع جي نالي تي گوڏا کوڙين، 11۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.
12سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛ 13ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري. 14سڀ ڪم ڪُرڪڻ ۽ تڪرار ڪرڻ کانسواءِ ڪندا رهو، 15تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛ 16۽ زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو، انهي لاءِ تہ مسيح جي ڏينهن مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ملي، تہ منهنجي ڊوڙ ڊڪ يا منهنجي محنت اجائي نہ ٿي. 17پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛ 18۽ اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏجي خوشيون ڪريو.
19مون کي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد آهي تہ تيمٿيس کي سگهو ئي اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ اوهان جو حال معلوم ڪري مون کي دلجاءِ ٿئي. 20ڇالاءِ جو مون وٽ ڪو اهڙو هم خيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي حال جو فڪر هجي. 21هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو. 22پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي. 23تنهنڪري اُميد اٿم تہ جڏهن آئون ڏسندس تہ منهنجو ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليندس. 24پر مون کي خداوند ۾ يقين آهي تہ آئون پاڻ بہ جلد ايندس. 25پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي. 26هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو. 27سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي. 28تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي. 29تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو: 30ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.
Currently Selected:
فلپين 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: