ڳاڻاٽو 36
36
1۽ بني يوسف جي گهراڻن مان بني جلعاد، جي منسيءَ جي پٽ مڪير جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، موسيٰ وٽ ۽ بني اسرائيل جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن، يعني سردارن وٽ اچي چوڻ لڳا، تہ 2خداوند اسان جي مالڪ کي حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجهي، ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏئي: ۽ خداوند اسان جي مالڪ کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي ڀاءُ صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي. 3پر جيڪڏهن اهي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي پٽن مان ڪنهن سان پرڻبيون، تہ انهن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي ورثي مان نڪري ويندو، ۽ جنهن ٻئي قبيلي ۾ اهي داخل ٿينديون، تن جي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. انهيءَ طرح اِهو اسان جي ورثي جي حصي مان نڪري ويندو. 4۽ جڏهن جشن جو سال ايندو، تڏهن هنن جو ورثو انهي قبيلي جي ورثي سان گڏيو ويندو، جنهن ۾ اهي داخل ٿينديون؛ انهيءَ طرح هنن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي مان نڪري ويندو. 5تڏهن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ بني يوسف جي قبيلي وارا سچ ٿا چون. 6سو صلافحاد جي ڌيئرن بابت خداوند جو هي حڪم آهي، تہ اهي جنهن سان وڻين تنهن سان پرڻجن؛ پر رڳو پنهنجي پيءُ جي قبيلي ۾ ئي پرڻجن. 7انهيءَ طرح بني اسرائيل جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري، ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو: ڇالاءِ جو هرڪو اسرائيلي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي کي قائم رکندو. 8۽ جيڪڏهن بني اسرائيل جي ڪنهن قبيلي ۾ ڪا ڇوڪري ورثي جي مالڪ هوندي، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ جي قبيلي مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان شادي ڪندي، جنهنڪري بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ورثي جو مالڪ ٿئي. 9انهيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي قبيلن مان هرڪو پنهنجو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکندو. 10سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو: 11ڇالاءِ جو صلافحاد جون ڌيئرون محلاہ، ترضاہ، حجلاہ، ملڪاہ، ۽ نوعاہ پنهنجن چاچن جي پٽن سان پرڻيون. 12يعني انهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي اولاد جي گهراڻي ۾ شادي ڪئي، ۽ انهن جو ورثو سندن پيءُ جي قبيلي ۾ ئي رهيو.
13اِهي آهن اُهي حڪم ۽ فيصلا، جي خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾ يريحو وٽ موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل جي لاءِ مقرر ڪيا.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 36: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: