ڳاڻاٽو 33
33
1جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي هٿ هيٺ پنهنجن لشڪرن سان گڏ، مصر جي ملڪ مان نڪري هليا، تڏهن انهن هي منزلون ڪيون. 2۽ موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جو احوال سندن منزلن مطابق لکي ڇڏيو: ۽ انهن جي مسافريءَ جون منزلون هي هيون. 3هو پهرئين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا؛ يعني فسح جي عيد جي ٻئي ڏينهن صبح جو بني اسرائيل سڀني مصرين جي ڏسندي ڏاڍي فخر سان روانا ٿيا، 4انهي وقت مصرين پنهنجا اهي پهريتا ٻار پئي دفن ڪيا، جن کي خداوند ماريو هو: خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني هئي. 5سو بني اسرائيل رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا، ۽ سڪات ۾ اچي منزل ڪيائون. 6وري سڪات مان روانا ٿي، ايتام ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جو بيابان جي ڪناري تي آهي. 7پوءِ ايتام مان ڪوچ ڪري، في هخيروت ڏانهن موٽيا، جو بعل صفون جي سامهون آهي: ۽ مجدال ۾ اچي منزل ڪيائون. 8پوءِ هو في هخيروت مان روانا ٿيا، ۽ سمنڊ جي وچ مان لنگهي بيابان ۾ آيا: ۽ ايتام جي بيابان ۾، ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري، مارہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 9پوءِ مارہ مان نڪري، ايليم ۾ آيا: ۽ ايليم ۾ پاڻيءَ جا ٻارهن چشما، ۽ کجين جا ستر وڻ هئا؛ ۽ اُتي هنن منزل ڪئي. 10وري هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڀرسان اچي تنبو کوڙيائون. 11پوءِ ڳاڙهي سمنڊ وٽان ڪوچ ڪري، صين جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون. 12پوءِ صين جي بيابان مان روانا ٿي، دفقہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 13وري دفقہ مان نڪري، آلوس ۾ اچي لٿا. 14۽ آلوس مان ڪوچ ڪري، رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون، جتي هنن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ مليو. 15پوءِ هو رفيديم مان روانا ٿيا، ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 16وري سينا جي بيابان مان نڪري، قبروت هتاوہ ۾ اچي لٿا. 17۽ قبروت هتاوہ مان ڪوچ ڪري حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون. 18۽ حصيرات مان روانا ٿي، رتمہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 19پوءِ رتمہ مان نڪري، رمون فارص ۾ اچي لٿا. 20۽ رمون فارص مان ڪوچ ڪري، لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 21۽ لبناہ مان روانا ٿي، ريسہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 22وري ريسہ مان نڪري، قهيلات ۾ اچي لٿا. 23قهيلات مان ڪوچ ڪري، سافر جبل تي اچي منزل ڪيائون. 24۽ سافر جبل وٽان روانا ٿي، حرادہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 25۽ حرادہ مان نڪري مقهيلوت ۾ اچي لٿا. 26پوءِ مقهيلوت مان ڪوچ ڪري، تحت ۾ اچي منزل ڪيائون، 27۽ تحت مان روانا ٿي، تارح ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 28۽ تارح مان نڪري، متقہ ۾ اچي لٿا. 29وري متقہ مان ڪوچ ڪري، حشمونہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 30۽ حشمونہ مان روانا ٿي، موسيروت ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 31۽ موسيروت مان نڪري، بني يعقان ۾ اچي لٿا. 32وري بني يعقان مان ڪوچ ڪري، حورهجدجاد ۾ اچي منزل ڪيائون. 33۽ حورهجدجاد مان روانا ٿي، يوطبات ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 34يوطبات مان نڪري، عبرونہ ۾ اچي لٿا. 35پوءِ عبرونہ مان ڪوچ ڪري، عصيون جابر ۾ اچي منزل ڪيائون. 36۽ عصيون جابر مان روانا ٿي، صين جي بيابان ۾ (جو قادس بہ ٿو سڏجي،) تنهن ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 37۽ قادس مان ڪوچ ڪري، حور جبل وٽ ادوم ملڪ جي سرحد تي اچي منزل ڪيائون. 38اتي هارون ڪاهن، خداوند جي حڪم موجب حور جبل تي چڙهي ويو، ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن کان پوءِ چاليهين ورهيہ جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ هن اتي وفات ڪئي. 39۽ جڏهن هارون حور جبل تي وفات ڪئي، تڏهن هن جي عمر هڪ سؤ ٽيويهہ ورهيہ هئي. 40۽ عراد جو ڪنعاني بادشاهہ، جو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو. 41پوءِ اهي حور جبل وٽان روانا ٿيا، ۽ ضلمونہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 42وري ضلمونہ مان نڪري، فونون ۾ اچي لٿا. 43۽ فونون مان ڪوچ ڪري، اوبوت ۾ اچي منزل ڪيائون. 44۽ اوبوت مان روانا ٿي، موآب جي سرحد تي عئي عباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 45۽ عيم مان نڪري، ديبون جد ۾ اچي لٿا. 46وري ديبون جد مان ڪوچ ڪري، علمون دبلہ تايم ۾ اچي منزل ڪيائون. 47۽ علمون دبلہ تايم مان روانا ٿي، نبوءَ جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 48وري عباريم جي جبلن مان نڪري، يردن جي ڀرسان، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون اچي لٿا. 49۽ هنن يردن جي ڀرسان بيت يسيموت کان وٺي، ابيل سطيم تائين موآب جي ميدان ۾ تنبو کوڙيا.
50پوءِ خداوند يردن جي ڪناري تي، يريحو جي سامهون، موآب جي ميدان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ، 51جڏهن اوهين يردن ندي اُڪري، ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، 52تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو: 53۽ اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهي ۾ رهجو؛ ڇالاءِ جو مون اهو ملڪ اوهان کي ڏنو آهي. 54۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو. 55پر جيڪڏهن اوهين ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندا؛ تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا، سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر، ۽ اوهانجن پاسن ۾ ڪنڊن وانگر ٿيندا، ۽ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا، تنهن ۾ اهي اوهان کي ستائيندا. 56۽ نيٺ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون انهن سان ڪرڻ گهريو، تيئن آءٌ اوهان سان ڪندس.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 33: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: