ڳاڻاٽو 29
29
1۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي. 2اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ ست يڪسالا بي عيب گهيٽا: 3۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، تيل ۾ گڏيل ميدو، هرهڪ وهڙي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو. 4۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي، هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو: 5۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي: 6انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.
7انهي ستين مهيني جي ڏهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: 8پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛ اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن: 9۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ گڏيل ميدو، هرهڪ وهڙي جي لاءِ ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، 10۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو: 11۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ هيءَ قرباني، ڪفاري واريءَ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واري قربانيءَ کان ڌار پيش ڪجو.
12۽ ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، ۽ ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: 13۽ اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ تيرهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا گهيٽا، جي سڀ بي عيب هجن، سي خداوند جي حضور ۾، وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ، باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو: 14انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، تيل ۾ گڏيل ميدو، ۽ تيرهن وهڙن مان هرهڪ وهڙي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ هرهڪ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، 15۽ چوڏهن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو: 16۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
17وري ٻئي ڏينهن اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو: 18۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 19۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
20وري ٽئين ڏينهن يارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛ 21۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 22۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
23وري چوٿين ڏينهن ڏهہ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛ 24۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 25۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
26وري پنجين ڏينهن نوَ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛ 27۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 28۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
29وري ڇهين ڏينهن اٺ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛ 30۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 31۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
32وري ستين ڏينهن ست وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛ 33۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 34۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
35اٺين ڏينهن اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: 36پر اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا، خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو: 37۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو: 38۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
39اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو. 40۽ موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 29: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: