YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 27

27
1تڏهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي گهراڻن مان صلافحاد، بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ جون ڌيئون، جن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا، سي ويجهو آيون. 2۽ اهي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ سردارن، ۽ ساريءَ جماعت جي اڳيان اچي بيٺيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ 3اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو، پر هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو، جي قورح جي ٽوليءَ ۾ خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا هئا: پر هو پنهنجي گناهہ ۾ مري ويو؛ ۽ کيس پٽ ڪونہ هو. 4سو پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس گهراڻي مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي ڀائرن سان گڏ اسان کي حصو ڏيو. 5تڏهن موسيٰ انهن جي دعويٰ خداوند جي حضور ۾ پيش ڪئي. 6۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 7صلافحاد جون ڌيئرون سچ ٿيون چون: تون ضرور هنن کي سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حق ڏي، يعني انهن کي سندن پيءُ جو ورثو ملي. 8۽ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو مري، جنهن کي پٽ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس ڌيءَ کي ڏجو. 9پر جيڪڏهن هن کي ڪا ڌيءَ بہ نہ هجي تہ پوءِ ورثو سندس ڀائرن کي ڏجو. 10پر جيڪڏهن هن کي ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس چاچن کي ڏجو. 11پر جيڪڏهن هن جي پيءُ کي بہ ڪو ڀاءُ نہ هجي، تہ پوءِ هن جي خاندان ۾ جيڪو سندس سڀني کان ويجهو مائٽ هجي، تنهن کي انهي جو ورثو ڏجو: اهو بني اسرائيل جي لاءِ انصاف جو قانون ٿيندو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
12۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ تون هن عباريم جبل تي چڙهہ، ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، سو ڏس. 13۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين: 14ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.) 15تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ 16خداوند، سڀني جانين جي روحن جو خدا، هن جماعت جي مٿان ڪنهن ماڻهوءَ کي مقرر ڪري، 17جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي. 18تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛ 19۽ انهي کي اليعزر ڪاهن، ۽ ساري جماعت جي اڳيان آڻي بيهار؛ ۽ انهن جي روبرو هن جو تقرر ڪر. 20۽ پنهنجي ڪجهہ اختياري هن کي ڏي، تہ بني اسرائيل جي ساري جماعت هن جي فرمانبرداري ڪري. 21هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن. 22سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب عمل ڪيو: ۽ يشوع کي وٺي، اليعزر ڪاهن ۽ ساري جماعت جي اڳيان بيهاريو: 23۽ انهي تي پنهنجا هٿ رکيائين، ۽ انهي جو تقرر ڪيائين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 27: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in